اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائي سبب نوازشريف لاءِ ميدان کليل:ڊي ڊبليو

اسلام آباد(م ڊ) ڊي ڊبليو موجب سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهلي جي خاتمي واري فيصلي بعد نواز شريف لاءِ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو رستو هموار ٿي ويو. سندس سڀ کان وڏي سياسي مخالفت عمران خان جي قيد ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مبينا آشيرواد سان نواز شريف ۽ سندس پارٽيءَ جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان نظر اچن ٿا.نواز شريف جي ويجهي ساٿي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد رائٽرز کي ٻڌايو ته ”اسان پنهنجي چونڊ مهم 15 جنوري تي شروع ڪنداسين.ماهرن ۽ تجزئي نگارن جو خيال آهي ته عمران خان سان خراب لاڳاپن سبب پاڪستاني فوج ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. واشنگٽن جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ولسن سينٽر ۾ ڏکڻ ايشيا جي ماهر مائيڪل ڪوگلمين چيو ته ”نواز شريف اليڪشن کٽڻ لاءِ سڀ کان اڳيان آهي ڇاڪاڻ ته سندس پارٽي ۽ فوج جا لاڳاپا بهتر ٿي چڪا آهن.فوج نه ٿي چاهي ته عمران خان هن وقت اقتدار ۾ اچي.فوج جي عوامي تعلقات واري کاتي(آءِ ايس پي آر) رائٽرز جي تبصري جي درخواست جو جواب نه ڏنو. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب به پنهنجي پارٽي جي فوج سان لاڳاپن بابت پڇيل سوال جو جواب نه ڏنو.ليکڪه ۽ سياسي مبصر عائشه صديقه جو چوڻ آهي ته اسان هڪ اهڙي اليڪشن طرف وڃي رهيا آهيون جتي ماڻهن کي چونڊ عمل تي اعتماد نه هجي. ماڻهو ڄاڻن ٿا ۽ ڏسي رهيا آهن ته رياست واضح طور تي هڪ سياسي پارٽي کي ڀت سان لڳائي رهي آهي.اوڪلاهوما يونيورسٽي ۾ سياست ۾ پاڪستاني فوج جي ڪردار جي ماهر عاقل شاهه جو چوڻ هو ته ”هن ڀيري جنرلن لاءِ صرف هڪ قابل اعتماد آپشن نواز شريف ئي نظر اچي رهيو آهي.فوج پنهنجي مفادن جي بالادستي ۽ انهن جو تحفظ چاهي ٿي، ان لاءِ ڪو مستقل دشمن يا دوست ناهي هوندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.