خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اڳواڻي صوبائي وزير ۽ خوابن جي بادشاھ منظور حسين وساڻ خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 8 کان 10 ڏينهن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر اليڪشن وقت تي ٿيندي آهي يا نه، منهنجي خيال ۾ ته وزيراعظم لاءِ سخت مقابلو ٿيندو، پر آهستي آهستي مقابلو نظر نٿو اچي. ھن چيو ته خيرپور مان بئريسٽر گوهر 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي لاهور مان چونڊ وڙهيو هو، خيرپور ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف اتحاد ٺهيا پر انهن اتحادن سان پيپلز پارٽيءَ کي ڪوبه نقصان ناهي ٿيو، ماضي ۾ به پيپلز پارٽي خلاف اتحاد ٺهيا پر ڪجهه به بيگاڙي نه سگهيا هئا، نواز ليگ ايتري مقبول نه رهي آهي، پيپلز پارٽي کي فائدو ٿي رهيو آهي ته نواز شريف جا ناراض ماڻهو ۽ عمران خان جا پيروڪار پ پ ڏانهن مائل آهن، خيرپور ۾ پي ٽي آءِ کي بٽ جو نشان ملندو يا نه، اهو باب اڄ بند ٿي ويندو، عام چونڊن ۾ خيرپور ۾ محترمه بينظير ڀٽو ايندي هئي ۽ هاڻي بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي اليڪشن جي پهرين جلسي کي خطاب ڪندو، خيرپور ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو جلسو عوام کي ڳنڍيندو ۽ جلسو تاريخي هوندو، 88 تڪن مان پي ايس 27 مان سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻيندو.