سيوهڻ ڀرسان شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ عورت ۽ مرد فوت

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) سيوهڻ ڀرسان نئينگ پوليس جي حد ڳوٺ نغاول ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب سيوھڻ اسپتال ۾ داخل ھڪ  عورت ۽ مرد فوت ٿي ويا، رميش ڪولھي ۽ مسمات راڻي جي زندگي جو ڏيئو اجھامي ويو جنهن بعد ھن واقعي ۾ زال مڙس سميت فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، فوتين ۾ ڪيول ڪولهي، جيوڻ ڪولهي، هري، هيرو ڪولهي، مسمات راڻي زال جيوڻ ۽ رميش ڪولھي شامل آهن، فوتين جو انگ مسلسلو وڌڻ سبب سندن وارث اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته متاثرن شراب ۾ زھريلو اسپريٽ ملائي پيتو ھو جنهن ڪري فوتين جو انگ وڌي رھيو آهي، ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو،ياد رھي ته ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران شادي ۾ ڪچو شراب واپرايو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي ۽ انھن مان 6 ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.