گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پورهيت تي تشدد، وڊيو جاري، ڪروڙ ڀنگ طلب

گهوٽڪي(ت ر)گھوٽڪي مان هفتو اڳ اغوا ٿيل پورهيت نبي بخش ڪلوڙ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل تشدد واري وڊيو ڌاڙيلن وائرل ڪري ڇڏي، هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو ويو، گهوٽڪي مان هفتو اڳ پيٽرول پمپ تان اغوا  ٿيل پورهيت نبي بخش ڪلوڙ کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ مٿن جديد هٿيار تاڻي مٿان تشدد ڪرڻ واري وڊيو ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل پورهيت مٿان ڀنگ لاءِ تشدد ڪري رهيا آهن۽ مغوي تشدد دوران وارثن کي ڀنگ جي رقم ڏيئي آزاد ڪرائڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن پاران مغوي جي آزادي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيه ڀنگ گهريو پيو وڃي، ياد رهي ته ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران جي مقرري بعد ڌاڙيلن پاران مغوي مٿان هي تشدد واري پهرين وڊيو وائرل ڪئي وئي، هوڏانهن وارثن پاران جلد کان جلد مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.