ڪراچي ۾ ڍورو نارو واسي نوجوان ڦورن هٿان قتل، والد زخمي

ڪراچي/شادي پلي (نمائندن وٽان) شادي پلي ڀرسان ڳوٺ صاڀو فقير جو رهواسي نوجوان شاگرد فيض محمد منڱريو گذريل رات ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ ڦورن هٿان قتل، سندس والد زخمي ٿي پيو، ڍورونارو ويجهو  ڳوٺ صابو فقير جو رهواسي نوجوان شاگرد فيض محمد مڱريو ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو ساڻس گڏ موٽرسائيڪل تي سوار پيءُ فتح محمد منڱريو پڻ ڦورن هٿان زخمي ٿي پيو نوجوان شاگرد فيض محمد منڱريو ۽ سندس پيءُ فتح محمد ڪراچي ۾ رھائش پذير هئا رات دير سان ناظم آباد واري علائقي مان دعوت تي وڃي رهيا هئا ته ڦورن موبائيل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي ڦورن نوجوان کي سڌيون ڳوليون هنيون جنهن سبب نوجوان فيض محمد مڱريو تڏي تي قتل ٿي ويو، سندس پيءُ فتح محمد منڱريو سخت زخمي ٿي پيو، ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان ڪراچي ۾ تعليم پرائي رهيو هو ۽ سندس والد ڪراچي ۾ سرڪاري ملازم ٻڌايو پيو وڃي، نوجوان جو مڙهه ڳوٺ آندو ويو جتي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان صاڀو فقير ۾ دفن ڪيو ويو نوجوان جي قتل سبب علائقي ۾ سوڳ ڇائجي ويو ۽ سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.