مشرف جي مسلم ليگ جي چونڊ نشان بابت درخواست خارج

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته بدنيتي جا الزام هڻي ادارن کي تباهه ڪرڻ ڇڏي ڏيو، هن ملڪ ۾ روايت بڻجي  وئي آهي ته هر هڪ تي بدنيتي جو الزام لڳائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي چونڊ نشان باز نه ملڻ خلاف درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته آل پاڪستان مسلم ليگ پنهنجي پارٽي جون چونڊون نه ڪرايون ۽ نه ئي ريڪارڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏنو.وڪيل شير امان چيو ته اليڪشن ڪميشن بدنيتي سان چونڊ نشان باز کسيو آهي، چيف جسٽس چيو ته آئيني ادارن تي بدنيتي جو الزام لڳائي تباهه ڪرڻ ڇڏي ڏيو. عدالت پرويز مشرف جي جماعت آل پاڪستان مسلم ليگ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.