ڪراچي (م ڊ ) ن ليگ جو صدر ۽ اڳوڻو وزير اعظم شهباز شريف ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 ڪياماڙي تان هٿ کڻي يو. پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير راڻا مشهود شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا. سندس چوڻ آهي ته جيئن جيئن اليڪشن ويجهو اچي رهي آهي تيئن تيئن سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، شهباز شريف ڪراچي مان چونڊ نه وڙهندو، ان جي بدران مسلم ليگ ن جو خواجا شعيب اين اي 242 تان چونڊ وڙهندو. واضح رهي ته اين اي 242 تان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن تي مسلم ليگ ن جي قيادت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.