اليڪشن ڪميشن 13 پارٽين جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي 13 سياسي جماعتن کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي چونڊ نه ڪرائڻ واري معاملي تي  ٻن سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي اليڪشن قبول ۽ 13 جي رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪندي چيو ته سياسي پارٽين جو رويو غيرسنجيدا هيو. اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءَ پاڪستان جي انٽرا پارٽي تفصيل قبول ڪري ورتا ۽ جي يو آءِ کي چونڊ نشان جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان مسلم ليگ جناح کي به چونڊ نشان جاري ڪيو ويو، جڏهن ته آل پاڪستان مائينارٽي الائنس، آل پاڪستان تحريڪ، عوامي پارٽي پاڪستان، بهاولپور نيشنل عوامي پارٽي کي ڊي لسٽ ڪيو ويو. انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن سڀ ڪا پاڪستان، پاڪستان امن ڪائونسل پارٽي، پاڪستان نيشنل مسلم ليگ کي به ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن، پاڪستان امن پارٽي، پاڪستان برابري پارٽي، مسيحي عوامي پارٽي، پاڪستان قومي يڪجهتي پارٽي، سني تحريڪ ۽ نظامِ مصطفيٰ پارٽي کي به ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو.

ق ليگ جو نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان انڪار

لاهور (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) نون ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسلم ليگ ق طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو  چوڌري شجاعت حسين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. پڌرائي موجب، ن ليگ اسان جي گهربل تڪن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاري ڇڏيا آهن، پارٽي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته اسان ٻٽي معيار جو شڪار نه ٿينداسين. چوڌري سالڪ حسين چيو ته ن ليگ هن ۽ سندس ڀاءَ خلاف گجرات ۾ پنهنجا اميدوار بيهاري ڇڏيا، ق ليگ جي صوبائي سيڪريٽري جنرل چوڌري شافع حسين به فيصلي سان اتفاق ڪيو. پڌرائي موجب، چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته نون ليگ اسان مقابلو ڪندي ته اسان پنهنجي ساٿين سان گڏ بيهڻ کي ترجيح ڏينداسين. چوڌري سالڪ ٻڌايو ته نون ليگ سان قومي اسيمبلي جي 4 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 8 سيٽن تي ڳالهه ٻول ٿي هئي، اسان لاءِ 2 قومي 2 صوبائي تڪ ڇڏيا ويا، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته رڳو مون کي ۽ منهنجي ڀاءَ شافع حسين کي سيٽ ڏني وڃي ۽ ٻين کي نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.