ڪراچي (م ڊ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪابل ۾ افغانستان جي نائب وزيراعظم عبدالغني برادر، دفاع واري وزير ملا يعقوب ۽ گهرو وزير سراج الدين حقاني سميت ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن، فضل الرحمان 7 جنوري تي افغان حڪومت جي دعوت تي ڪابل پهتو هو، جتي هن طالبان جي امير هيبت الله اخوندزاده، وزيراعظم سميت ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، دوري دوران آخري ڏينهن تي فضل الرحمان افغان نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ دفاع وارو وزير ملا يعقوب، پرڏيهي وزير ملا امير متقي، واپار واري وزير سميت ٻيا وزير موجود هئا، ملا عبدادلغني برادر مولانا فضل الرحمان جو استقبال ڪيو، ملا عبدالغني برادري چيو ته افغانستان محفوظ ۽ پرامن ملڪ آهي ۽ اوهان جي دوري جا مثبت اثر پوندا.