ملڪ ۾ سون 200 رپيا مهانگو، ڊالر 75 پئسا سستو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 75 پئسا سستو ٿيو جنهن کانپوءِ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 280 رپيا 36 پئسا آهي.، ٻئي پاسي گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 24   پئسا گهٽتائي کانپوءِ 281 رپيا 94 پئسا هئي، ٻئي پاسي ملڪ ۾ سون جو في تولو 200 رپيا مهانگو ٿي ويو، آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 200 رپيا واڌ بعد ملڪ ۾ سون جو في تولو 2 لک 16 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي، 10 گرام سون جي يمت 172 رپيا اضافي سان هڪ لک 85 هزار 614 رپيا آهي.

ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جوابدار طرفان عورت سان غيراخلاقي حرڪت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل سوار عورت سان اڻوڻندڙ حرڪت ڪئي جنهن سبب عورت سان موجود ٻار ڊڄي ويو، پوليس موجب عورت سان اڻوڻندڙ حرڪت ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويو پر جوابدار جي ڳولا جاري آهي، ڪراچي ۾ مختلف وقتن تي عورتن ۽ نارين سان  اڻوڻندڙ واقعا اڳ به پيش اچي چڪا آهن، انهن مان ڪجهه جوابدار گرفتار ٿي چڪا ۽ ڪجهه جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو.

عوام ۽ اميدوارن جي حفاظت پوليس جي ذميواري آهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر )آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ سي پي او آفيس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ گذريل چئن مهينن دوران ڏوهن، خاص ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ امن امان جي واقعن جو جائزو ورتو ويو. آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته پوليس جا سمورا ادارا لاڳاپيل  علائقن ۾ اليڪشن تائين سمورن موجود وسيلا سان گڏ هوندا، عوام ۽ اميدوارن جي حفاظت ڪرڻ پوليس اهلڪارن جي ذميواري هوندي، پارٽي طرفان ضابطا اخلاق  ان جي روح موجب عمل ڪيو ويندو پر خلاف ورزي جي صورت ۾ لاڳاپيل اليڪشن ڪميشن آفيسن ۾ اميدوارن خلاف شڪايتون پڻ جمع ڪرايون وينديون. هن هدايتون ڏنيون ته عوام ۾ موجود ممڪن خوف ۽ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ انهن ۾ احساس تحفظ جاڳائڻ لاءِ پوليس جا لاڳاپيل اعليٰ آفيسر نه رڳو مقامي معززين ۽ معروف شخصيتن سان ملاقاتون شيڊول ڪن. گهٽيون، بازارون، پاڙون، شاپنگ سينٽر، پوليس جي گشت وارن علائقن ۽ هاءِ ويز جهڙن قدمن کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.

ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 4 ڦورن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي پوليس مقابلن ۾ چئن زخمي ڦورن سميت 5 ڦورن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. سولجر بازار ٿاڻي جي پوليس مطابق اي وي ايل سي پوليس پاڪستان ڪوارٽر جي ڀرسان ڪاروائي جي دوران مقابلي جي بعد ھڪ زخمي جوابدار شارخ ولد معشوق علي کي گرفتار ڪري پسٽل، موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، گلبرگ بلاڪ 4 طارق گرائونڊ جي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ پوليس مقابلي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ محمد عاقب ولد محمد سليم کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي۔چاڪيواڙا ٿاڻي جي پوليس موجب لياري چاڪيواڙا آدم ٽي روڊ جي ڀرسان گينگ وار جي ملزمنن سان پوليس مقابلي ۾ زخمي ملزم احمد علي عرف داد ولد محمد علي کي ساٿي تنوير ولد فقير محمد سميت گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو.

قيدين جي بي آءِ ايس پي رجسٽريشن شروع

ايبٽ آباد (م ڊ) ڊسٽرڪٽ جيل ايبٽ آباد جي سپرنٽينڊنٽ حميد اعظم جي ڪوششن سان ڊسٽرڪٽ جيل ايبٽ آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. اين سي ايڇ ڊي عملي پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قيدين جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. پروگرام جي آگاهي مهم دوران جيل جي اڪثر قيدين جو چوڻ هو ته سندن مائٽ مختلف سببن جي ڪري بي آءِ ايس پي آفيسن ۾ سروي ۾ شامل نه ٿي سگهيا آهن۔

ان ڪري سندن جيل ۾ سروي ڪرائي وڃي ۽ کين رعايتي اگهه تي کاڌو پيتو ڏنو وڃي. ايبٽ آباد ۾ هي جيل واحد جيل آهي جتي قيدين لاءِ اهو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گورنر سان ملائيشيا ۾ پام آئل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان ملائيشيا ۾ پام آئل ٺاهيندڙ سڀ کان وڏي ڪمپني فيلڊا گلوبل وينچر  (ايف جي وي) جي چيئرمين Tan Sri Rastam Bin Mohd Isa  وفد سان گڏ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معروف صنعتڪار بشير جان محمد ۽ راشد جان محمد پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ صوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته هو سنڌ صوبي ۾ پام آئل جي پوک لاءِ ملائيشيا جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا۔ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته صوبي ۾ صحت، تعليم، توانائي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن، هن وڌيڪ چيو ته زرعي شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي لاء فائديمند ثابت ٿيندو۔ ٻنهي ملڪن طرفان قومي فلاحي منصوبن ذريعي ترقي جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهجي ٿي.

ٻڌڻي دوران اغوا ڄاڻايل وڪيل جوهر عابد سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ وڪيل جوهر عابد جي مبينا اغوا واري معاملي ڪيس ۾ ايس ايس پي جاچ اوڀر، ڊي ايس پي سي ڊي ٽي ۽ ٻيا پوليس عمدار عدالت  ۾ پيش ٿيا، عدالت ڊي آءِ جي سي ڊي ٽي کان پڇاڻو ڪيو ته ايس ايس پي سي ٽي ڊي ڪٿي آهي ، ڊي ايس پي سي ٽي ڊي چيو ته ايس ايس پرڏيھ ويل آھي، وڪيل صلاح الدين گنڊاپور چيو ته سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ واضع آهي ته سي ٽي ڊي وارا وڪيل کي گهر مان کنڀي کڻي ويا، هلندڙ ٻڌڻي ۾ گم ٿيل جوهر عابد بازياب ٿي عدالت پڄي وئي. وڪيل چيو ته حراست دوران مون کان ڪجهه ڪاغذ ورتا ويا ۽ پوءِ ڇڏيو ويو ، هاڻي جي آءِ ٽي ٺاهي پڇاڻو ڪيو وڃي ته هڪ وڪيل  کي آخر ڪهڙي ڏوھ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيل جوهر عابد کي غير قانوني طور حراست ۾ ورتو ويو هو.سڀني کي پورو حق آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺن ائين ماڻهن کي گم ڪرڻ سان نفرت پيدا ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.