ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) اليڪشن ڪميشن آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ 4 ملازمن جي موت واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، شڪ جي بنياد تي بي سيڪشن پوليس اليڪشن ڪميشن آفيس ڪنڌڪوٽ جي ٽن ملازمن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، بي سيڪشن پوليس چوڪيدار عنايت منگي، پٽيوالي امتياز شيخ سميت 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جن کان پڇاڳاڇا جاري آهي، پوليس پاران معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، گذريل ڏينهن اي ايس پي نعمان پڻ اليڪشن ڪمشنر آفيس ڪنڌڪوٽ پهچي معاملي جي انڪوائري شروع ڪئي هئي، پوليس پاران 4 ملازمن جي موت واري معاملي تي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، هوڏانهن گذريل ڏينهن جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال جي اليڪشن ڪميشن آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ اچڻ وقت اهي انڪشاف ٿيا ته ملازمن جي ڊيوٽي ڪندڙ 8 پوليس اهلڪارن مان ملازمن مان ڪو هڪ به ڊيوٽي نه پيو ڪري،جڏهن ته آفيس اندر سي سي ٽي وي ڪيميرائون نه نه هنيون اهڙو معاملو سامهون اچڻ باوجود ضلعي اليڪشن ڪمشنر سميت غفلط ڪندڙ عملي خلاف به لاڳاپيل عملدارن ڪاروائي نه ڪئي، جڏهن ته معاملي کي 3 ڏينهن گذري ويا وارثن طرفان يا وري سرڪاري سطح تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.