شاگردن کي ڪتابن جون هارڊ ۽ سافٽ ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته شاگردن  کي آن لائين پڙهڻ لاءِ درسي ڪتابن جون هارڊ ۽ سافٽ ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن. اسان هڪ ڊجيٽل دور ۾ رهون ٿا جتي ٻار ڊجيٽل مواد واري هارڊ ڪاپي کي ترجيح ڏين ٿا ۽ انهن کي ڪٿي به کڻي گهمائي سگهن ٿا. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سي ايم هائوس ۾ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپورخاص جي ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز نور احمد سمون، ميرپورخاص بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري بورڊ انيس الدين، ڪنٽرولر امتحانات انور عليم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ميرپورخاص بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار شاهه وڏي وزير کي ويب سائيٽ جي اهم ڪاميابين بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اها ويب سائيٽ آن لائين داخلا جي سهولت/ انرولمينٽ ڪارڊ، امتحاني فارم ۽ رول نمبر سلپس فراهم ڪندي. هي ويب سائيٽ آن لائين انرولمنٽ سهولت، شاگردن لاءِ بروقت سهولت، آن لائن تصديق جي سهولت، سمورن نقلن جي آن لائن جاچڻ، امتحان وٺندڙن ۽ سپروائزر عملدارن جي آن لائن رجسٽريشن، شاگردن ۽ استادن لاءِ معلوماتي وڊيوز جي دستيابي، سمورن امتحانن جي نتيجن کي آن لائن ڪرڻ سان گڏ سڌاراتي فارمن جي دستيابي کي پڻ ويبسائيٽ تي رکيو ويندو. چيئرمين ميرپورخاص بورڊ چيو ته سندس بورڊ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خاص طور تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڏورانهن علائقن جي شاگردن جي سهولت لاءِ اي اڪيڊمي پڻ فراهم ڪري رهيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هم نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بورڊ پنهنجي ويب سائيٽ ۽ سرڪاري سوشل ميڊيا تي ايس ايس سي ۽ ايڇ ايس سي جي دستيابي لاءِ ماڊل پيپر ٺاهيا آهن ته جيئن ٿرپارڪر ضلعي جي ڏورانهن علائقن جي شاگردن کي مرحليوار سهولت فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته بورڊ شاگردن جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ هڪ فيسليٽيشن سينٽر (ون ونڊو آپريشن) ۽ هڪ شڪايتي پورٽل قائم ڪيو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته شاگردن کان غير ضروري دستاويزن جو مطالبو ختم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سمورن تعليمي بورڊن کي هدايت ڪئي ته هو آن لائين طريقيڪار ڏانهن لاڙو رکن جنهن ۾ مينوئل هينڊلنگ، خفي واري ڪم ۽ غلطين جو امڪان گهڻو هوندو آهي. جسٽس باقر اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو شاگردن کي درسي ڪتابن جون هارڊ ۽ سافٽ ڪاپيون فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.