شيخ حسينا واجد ۽ نواز شريف ۾ هڪجهڙائي

تحرير: سڪندر چنو

هلندڙ سال يعني 7 جنوري 2024 تي ايشيا جي اسلامي ملڪ بنگلاديش ۾ عام اليڪشن ٿي گذري. ان اليڪشن جي رزلٽ One Woman Show هئي. يعني اليڪشن ۾ عورت اڳواڻ شيخ حسينا واجد کي کٽرائڻو هيو. جيڪا چوٿون ڀيرو اليڪشن کٽي چوٿون ڀيرو بنگلاديش جي وزيراعظم بڻجي ويئي آهي.

پاڪستان ۾ به اهڙي اليڪشن ڪرائڻ جون ڪوششون تيزي سان جاري آهن. پر اليڪشن ڪرائيندڙن جا پير زمين تي کپن ڪونه ٿا. اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش آهي ته 8 فيبروري واري اليڪشن One Nawaz Sharif Show هوندي پر ائين گهڻي قدر ٿيندو ڪونه. بحرالحال اسلامي ملڪن جي حڪومت DNA دنيا جي ڪجهه ٿورن ملڪن کي پاسيرو رکي ڪري باقي جن ملڪن ۾ به جمهوريت جو ٻوٽو پوکيو ويو اهو ٻوٽو به ڪومائجي ويو آهي ۽ مايوسي سبب اصل ۾ ان ٻوٽي جي ڪومائجڻ جو وڏو سبب ان ٻوٽي کي آمريت جو پاڻي ڏنو ويو ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته انهن ملڪن جي سياستدانن به جمهوريت جي نڙيءَ تي لت رکي آمرن کي مداخلت جو جواز پيدا ڪري ڏنو آهي. بنگلاديش ۾ به پاڪستان جيان ساڳي صورتحال پيدا ٿيل آهي.

شيخ حسينه واجد به گذريل ڏيڍ ڏهاڪن کان وٺي آمراڻي جمهوريت جي وسيلي هر ڀيري اقتدار ۾ اچي رهي آهي. هن ڀيري به شيخ حسينا واجد اهڙي ئي آمراڻي سياسي ماڊل جي سهاري هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي وزارت اعظميٰ جو تاج پنهنجي مٿي تي رکيو آهي. هي آمراڻي جمهوريت ون مين شو ۽ ون پارٽي سياست جو ماڊل هن پنهنجي والد شيخ مجيب الرحمٰن بنگلاديش جي باني کان سياست مورثي وراثت ۾ ملي آهي. شيخ مجيب به جڏهن اقتدار ۾ آيو هيو ته ان به جمهوريت کي وساري ڇڏيو هيو ۽ هڪ پارٽي جو عاشق بڻجي ويو هيو. بلڪل ائين جيئن نواز شريف بڻجي ويو آهي. دنيا آڏو شيخ مجيب جمهوريت لاءِ ڳوڙها ته ڳاڙيندو هيو پر ملڪ ۾ غير مجهوري قوتن جو سهارو گهڻو ورتو. شيخ مجيب ملڪ ۾ هڪ نعرو هنيو ته “هڪ نيتا هڪ ديش مجيب بنگلاديش”. بنگلايش جي مخالف پارٽين ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي پهرين نمبر تي آهي. ان پارٽي جي هڪ سينيئر اڳواڻ عبد المعين خان دنيا جي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پارٽي جي 20 هزار ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ ٽيڪٽ هولڊرن کي من گهڙت ۽ جڙتو پوليس مقابلن ۾ يا ته مارايو ويو آهي يا انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ لکن جي تعداد ۾ سندس حامي ووٽرن مٿان ڪيس داخل ڪرائي انهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي.

ان صورتحال ۾ اليڪشن وڙهڻ تڪليف ڏيندڙ آهي. شيخ حسينا واجد جي ٽن دورن حڪومتن ۾ سياسي مخالفت سبب ملڪ ۾ گرفتاريون ڪرايون. ماڻهن کي گم ڪرايو ۽ ڪيترائي انڌا قتل ڪرايا يعني Blind Murder ان کان علاوه ڪيترن ئي انساني شرمائيندڙ زيادتيون ڪرايون آهن. ان کان علاوه پنهنجي حڪومتي دورن ۾ شيخ حسينا واجد جماعت اسلامي جي صف اول جي عالمن کي هڪ جڙتو ۽ نام نهاد وار ڪرائيم ڪورٽ جي ذريعي سزائي موت ڏياريون. انهن اڳواڻن ۾ قمر الزمان، عبدالقادر، مطيع الرحمٰن نظامي ۽ ٻيا کوڙ سارا شامل آهن. انساني حقن جي تنظيم هيومن رائٽس واچ تازو بنگلاديش ۾ حزب اختلاف جي خلاف عوامي ليگ پاران ڪيل ظلم ۽ ستم کي آمراڻو ڪريڪ ڊائون سڏيو آهي. يعني جمهوريت جي آڙ ۾ آمريت مڙهيل آهي. تعجب ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته موجوده وزيراعظم شيخ حسينا واجد جيڪا آمراڻي طريقي سان اقتدار حاصل ڪندي رهي آهي ان ئي 1980 ۾ جنرل محمد حسين جي فوجي حڪومت خلاف ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ شيخ حسينا واجد پنهنجي سڀ کان وڏي سياسي مخالف جماعت جي اڳواڻ خالده ضيا ۽ ٻين مخالف جماعتن سان گڏجي آمريت خلاف تحريڪ هلائي. پر 1996 ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ شيخ حسينا واجد اقتدار جي حوس خاطر جمهوريت کي ڇڏي آمراڻو طريقو ورتو ۽ آمراڻي طريقي سبب 2001 ۾ خالده ضيا شيخ حسينا واجد کي وڏي شڪست ڏني. دنيا ڏسي رهي آهي ته اڄ بنگلاديش ۾ آمريت پنهنجي بد شڪلي صورت ۾ موجود آهي ۽ انسان حقن کي پيرن هيٺيان لتاڙي چيڀاٽي اولڙگاهه بڻايو وڃي ٿو.

جنوري ۾ ٿيل اليڪشن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. شيخ حسينا واجد جي آمراڻي رويي سبب بنگلاديش ۾ امن و امان جو وڏو مسئلو دنيا جي سامهون اچي چڪو آهي. پاڪستان بنگلاديش جي صنعتي ترقي جي وڏي تعريف ته ڪندو آهي پر اها ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو. آمريڪا پاران به شيخ حسينا واجد جي رويي جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ڪجهه ملڪن پاران بنگلاديش کي ڏنل تجارتي رعايت به ختم ڪئي پئي وڃي. بنگلاديش جي قومي ناڻي جا ذخيرا 2021 ۾ 48 ارب ڊالرن جي بلند ترين سطح تي پهتل هئا. هاڻي بنگلاديش وٽ نيٽ ڪيش صرف 20 ارب ڊالر رهجي ويئي آهي. جيڪا ٽن مهينن جي ادائيگن لاءِ به ناڪافي آهي. 2016 کان پوءِ بنگلاديش مٿان ٻاهريون قرض ٻيڻو ٿي ويو آهي.

پاڪستان جي به ساڳي صورتحال آهي. بنگلاديش ڊولپمينٽ پارٽي جو سربراهه انور اسلام چنو آهي. جيڪو اڪيلي سر شيخ حسينا واجد جي پالسين جو مخالف آهي. هونئن به اهو ضروري آهي ته اليڪشن خواه ڪهڙي به هجي ان ۾ حصو ضرور وٺڻ گهرجي. اليڪشن جي بائيڪاٽ ڪرڻ سان مٿين تي ڪوبه اثر نه پوندو آهي. حصو وٺڻ سان توهان پارليامياني جمهوريت جي نظام جو حصو ٿي ويندا. پاڪستان ۾ به ائين جمهوري آمرن جا ڪيترائي ماڊلز ڏسي چڪا آهيون. 1985 ۾ آمر ضيا الحق غير جماعتي اليڪشن کان وٺي پرويز مشرف جي ريموٽ ڪنٽرول ڊيموڪريسي ڏسي چڪا آهيون. هاڻي انهن سڀني ڳالهين تان پردو کڄڻ جي انتظار ۾ نظرون اسلام آباد ڏانهن کتل آهن ۽ ڏسڻو آهي ته 2024 جي اليڪشن جا نتيجا ڪهڙا سامهون اچن ٿا. بحرالحال نواز شريف به شيخ حسينا واجد جيان اليڪشن ۾ کٽڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ ان جا نتيجا تمام خراب نڪري سگهن ٿا.

هن وقت پاڪستان ۾ سياسي صورتحال بنگلاديش کان ڪا گهٽ ناهي. هن وقت اليڪشن جي ميلي ۾ صرف پ پ نظر اچي رهي آهي. ن ليگ چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي. ڇاڪاڻ ته چونڊن کان ڀڄڻ ن ليگ جي عادت بڻجي ويئي آهي ۽ پ پ 8 فيبروري تي ذاتي دشمنين ۽ سياسي انتقام جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪري نئين سفر جو آغاز ڪرڻ چاهي ٿي. هونئن به پ پ ڪنهن سياستدان يا سياسي پارٽي سان نه پر غربت سان مقابلو ڪري رهي آهي. پ پ جهڙو منشور ڪنهن به پارٽي جو  ناهي ان ڪري هن ڀيري بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف جو اليڪشڻ کٽڻ وارو انداز ۽ شيخ حسينا واجد جي کٽڻ جو انداز هڪجهڙو ئي آهي. پر ان جا نتيجا اڪثر خراب نڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.