سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان ھڪ انڪشاف ٿيو آھي.جنھن موجب سرڪاري اسڪولن ۾ 12 لک 80 ھزار شاگردن جي لاءِ فرنيچر نھ آھي.اھا ڳالھھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس دوران آڏو آئي آھي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور تي ٻڌل سنگل بئنچ سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جنھن دوران جڊيشل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ ۽ سيڪريٽري تعليم رپورٽ پيش ڪئي. ان رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو تھ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ 12 لک 80 هزار شاگرد زمين تي ويهي تعليم پرائين ٿا.
تعليم واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪيترائي اسڪول آهن جتي شاگردن لاءِ فرنيچر به موجود ناهي، 4 لک مان 2 لک 80 هزار شاگردن وٽ ويهڻ لاءِ فرنيچر آهي. ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنھور حڪم ڏنو ته سمورن شاگردن لاءِ 2 مهينن ۾ فرنيچر خريد ڪيو وڃي، 21هين صدي ۾ اسان جا ٻار زمين تي ويهي تعليم ڇو حاصل ڪري رهيا آهن، هر سال بجيٽ ۾ ڪروڙين ۽ اربين رپيا مختص ڪيا ويندا آهن، پر 12 لک شاگردن لاءِ فرنيچر موجود ناهي.
جڊيشل مئجسٽريٽ رپورٽ پيش ڪندي چيو تھ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 2400 غير معياري ڊيسڪ فراهم ڪيو ويون آھن. ميزن جي پالش نھ ٿيل آھي. ان موقعي تي ٺيڪيدار عدالت کي يقين ڏياريو ته ٻن مهينن ۾ سموريون ڊيسڪون تبديل ڪيون وينديون، عدالت ڪانٽريڪٽر کي ٻن مهينن ۾ وڌيڪ 9 هزار 4 ڊيسڪ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي،معياري مشينري ڊيسڪ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو تھ فرنيچر جي جاچ لاءِ سيڪريٽري تعليم ڪميٽي جوڙي، انسپيڪشن بعد ئي اسڪولن کي فرنيچر فراهم ڪيو وڃي، ٺيڪيدار جي رھيل رقم ڪورٽ جي جائزي کان اڳ رقم ادا نه ڪئي وڃي. عدالت سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواستگذار جو چوڻ ھو ته ٺيڪيدار وٽ پنهنجو ڪارخانو ناهي ۽ هو مارڪيٽ مان خريد ڪري فرنيچر فراهم ڪري ٿو.دادو، ٽنڊي الهيار، بدين ۾ 18 سئو غير معياري ڊيسڪون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن، عدالت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.
عام طور تي اھڙ انڪشاف ڪنھن عدالت پاران ڪيس ھلائڻ وقت سامھون اچن ٿا.جنھن مان پتو پوي ٿو تھ عدالت واحد ھنڌ آھي جتي انھن ادارن کي آخرڪار سچ ڳالھائڻو پئي ٿو.ائين تھ نھ آھي ھن صورتحال کان تعليم جو سيڪريٽري آگاھ نھ ھوندو پر ان تاحال ڪو بھ قدم نھ کنيو آھي،جنھن مان ھو بھ ثابت ٿي رھيو آھي تھ ھن قوم جي معمارن جي لاءِ قائم ڪيل کاتي جي ڪامورن جي ڪھڙي نيت آھي.ڪجھھ وقت کان اھو اسڪولن ۾ فرنيچر بابت ڪيس عدالت ۾ ھلڻ سان ئي اھي ڳالھيون پڌريون ٿي رھيون آھن.
ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ ھن ڪيس جو دائرو ٿورو واڌئيندي نھ رڳو فرنچر پر تعليم کاتي ۾ٻين معاملن ۾ جھڙوڪ اسڪولن ۾ڪورس جي ڪتابن جي مفت فراھمي،اسڪولن جي عمارتن جي ڪم جي معيار جھڙن معاملن کي بھ شامل ڪري ھن ڪيس ۾ تعليم سان لاڳاپيل سمورين معيارن جي پرک ڪئي وڃي ۽ ان موجب ھڪ جامع رپورٽ تيار ڪرائي وڃي،جنھن مان اھو پتو پئي تھ سنڌ ۾ تعليم جي حقيقي صورتحال ڪھڙي آھي.
اھا بھ اميد ڪجي ٿي تھ عدالت ھن معاملي ۾ اھڙا مثالي معيار مقرر ڪندي جنھن کي نظر انداز ڪرڻ واري ڪنھن لاءِ ممڪن نھ ھجي. گڏوگڏ شھرين، تعليم بابت ڪم ڪندڙ ۽ علائقي جي سياسي سماجي ڌرين کي پڻ ھن پاسي ڌيان ڏئي ڪري ڪيس جي مسئلن کي سمجھڻ ۽ ان موجب سماجي ۾ شاگردن جي بھتري جي لاءِ سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪن، ان سان پڻ ڪافي حد تائين ڪامورن جي غلط عملن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھندي.
-
يوريا ڀاڻ جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي
جيڪڏھن سنڌ ۾ موجود صورتحال جو بي رحمي سان جائزو ورتو وڃي تھ، ڪا بھ خير جي خبر نھ آھي. اھو درست آھي تھ سياسي ڌريون ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڪوشش ۾ لڳل آھن، پر سنڌ ۾ بدامني، تعليم، صحت،پاڻي سميت زرعي مسئلا ختم ٿيڻ بجاءِ وڌي رھيا آھن، انساني حقن جي لتاڙي جاري آھي، ماڻھون اغوا ٿين پيا، قتل جا واقعا وڌي ويا آھن،ناانصافي عروج تي آھي. ان ھوندي اھم سياسي جماعتون عوام جي حقيقي مسئلن ڏانھن ڌيان ڏيڻ بجاءِ سياسي اسڪورنگ ۾ رڌل آھن.
سموري سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو مھانگائي جون دانھون ٿي رھيون آھن، نھ رڳو ايترو پر سنڌ جو 80 سيڪڙو ماڻھون زراعت سان واڳيل آھي، پر زراعت سان لاڳاپيل ھر ھڪ شيءِ ۾ ان سان زيادتيءَ جاري آھي،جنھن جي دانھن ڪوڪن توڙي احتجاج جو ڪو بھ نوٽيس وٽڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
ڪشمور ۽ ان جي آسپاس ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ھٿ سان پئدا ڪري ان جو اگهھ وڌايو ويو آھي،جنھن ڪري ھارين نارين ۽ آبادگارن کي اھو سرڪار جي مقرر ڪيل اگهھ کان پندرھن سئو کان ٻن ھزارن تائين مھانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي.ان سلسلي ۾ متاثر ماڻھن جو چوڻ آھي، ڊيلرن جي ھڪ ھٽي سبب اھي ڀاڻ اڳواٽ ھٿ ڪري اھو ذخيرو ڪري ٿا ڇڏين،جنھن ڪري ان جي کوٽ پئدا ٿي وڃي ٿي.نتيجي ۾ اھو ڀاڻ ھنن کي مارڪيٽ جي اگهھ کان وڌيڪ رقم تي ڏنو وڃي ٿو.
متاثرن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ ان بابت لاڳاپيل ادارن وٽ دانھون ڪيون وڃن ٿيون پر انھن جي ھڪ بھ نٿي ٻڌي وڃي.جنھن ڪري ھنن کي في ايڪڙ تي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پئي ٿو،جنھن سان ھنن جو منافعو ايترو گھٽجي ٿو وڃي،جو پيٽ گذر ڪرڻ بھ ڏکيو ٿي ويو آھي.
اختيارين کي ھن اھم مسئلي ڏانھن فوري ڌيان ڏئي ڪري ان جو جوڳو حل ڳولڻ گھرجي جئين سنڌ جو عام ھاري پريشاني کان بچي سگھي. اھو سڀ ڪجهھ سرڪار جي لاءِ ممڪن آھي پر بد قسمتي سان سنڌ جي ھاري ۽ ننڊن آباگارن کي اسان جو ڪامورو ڪا اھميت ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھي.