ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي سعود آباد ٿاڻي جي حد ملير جي علائقي ماڊل ڪالوني ۾ واقع حافظ سوئيٽ بيڪري جي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار اڻڄاتل ھٿياربندن دڪان بند ڪندڙن کي نشانو بڻائي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو. واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس،رينجرز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪار  ۽ ريسڪيو ٽيمن جا رضاڪار پھتا، مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي ترت اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي مارجي ويلن جي سڃاڻپ 26 سالن جو شعيب ۽ 35 سالن جي سيف الرحمن ولد محمد يعقوب جي نالن سان ٿي جڏهن ته زخمي جي 40 ورهين جي ايم افتخار ولد غلام مصطفي طور سڃاڻپ ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته ماڊل ڪالوني حافظ سويٽس ڀرسان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار موجب فائرنگ جو واقعو سعود آباد ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. حافظ سويٽس جو دڪان بند ڪرڻ بعد 3 ماڻھو پيري پند نڪري وڃين رھيا ھئا ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدار آيا ۽ انھن تي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمي ماڻهن جو تعلق مذھبي جماعت سان آهي. واقعي هنڌ تان نائن ايم ايم پستول جي گولين جا 6 خول ھٿ آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو نشانو بڻجندڙ ٽئي حافظ سويٽس تي ملازمت ڪندا ھئا. زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اھلسنت والجماعت ڪراچي جي ترجمان موجب حافظ سويٽس ڀرسان جوابدارن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل افتخار اھلسنت والجماعت ڪراچي جو ڪارڪن آهي. زخمي افتخار جي رھائش گلشن اقبال 13 ڊي ۾ آهي ترجمان موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.