پري پري تائين سوڙھين، اونداهي۽غارجھڙين ڪوٺين ۾بند آهون۽سڏڪا،ٻڏندڙ ارمان،ڪارين پٽين ۾ بند بي نور اکيون،سڪل زبان، اڌ مئي جسمن ۾موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڦاٿل روح، پنهنجي همت ۽ حوصلو وڃائي ويٺا آهن. انتظار جون گھڙيون ڳڻيندي ڳڻيندي ذھن جي سوئي ڪند ٿي وئي آھي.ڪثرت دعا سان چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا آھن، ڳالھائڻ جي سڪت بھ ھاڻي نھ رھي آھي. پوريل اکين سان ڏينهن ۽ رات جي گردشن جو وقت بھ کسجي ويو آهي.ڏينھن ڪڏهن رات ۾۽ رات ڪڏھن ڏينهن ۾ تبديل ٿئي ٿي، ڪجھه پتو نٿو پوي، الله تعاليٰ جي ٺاهيل قدرت جي نظام کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ جي سمورن حقن کان محروم ڪيل دلين مان زندگيءَ جا سورا آثار ختم ٿين لڳا آهن.
جسم داغ داغ ۽ زخمن سان چور تھ آھن ئي آھن پر هاڻي انهن جسمن ۾ ايتري طاقت ۽ توانائي بھ ناھي رهي آهي جو اھي پنهنجي زخمن جي گھرائي جانچي سگھن ۽ درد جي شدت کي سھي سگھن، دماغن به جسمن سان پنھنجو رابطو ختم ڪري ڇڏيو آھي. ۽ انهن کان بھ گھڻو پري،ڏينھن رات واٽ نھاريندي ٻه اڌ مئل اکيون،رات ڏينهن جو حساب رکندي پنهنجي توانائي ۽ بينائي وڃائي ويٺيون آهن، يعني اهي اکيون روئي روئي ھاڻي سُڪي ويون آهن ۽ انهن جون سڀ اميدون مري ويون آهن.سمورن دروازن کڙڪائڻ کان پوءِ، هاڻي اھو ٿڪي ٽُٽي سمورن آسرن تي به مِٽي وجهي ڇڏي آهي.
سمورن آرزوئن جي فنا ٿيڻ کان پوءِ هاڻي هو موت جي تمنا ڪري رهيا آهن ته،شايد اھو ئي ھڪڙو رستو بچيوآھي پنهنجن پيارن سان ملڻ جو.موت هميشھ جي لاءِ ھنن جي پيارن کي ڦري ورتو آھي. هاڻي موت ئي هنن کي پنهنجن پيارن جي ويجهو آڻي سگهي ٿو، پر پوءِ اوچتو دل اهو سڀ ڪجهه مڃڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي، اهو چئي شايد انھن جي بھادر پٽن موت کي بھ مات ڏني.شايد ڪٿان ڪنھن ڏينهن هو موٽي ايندا، اها اميد کين وري جيئرو رکي ٿي ۽ انھن کان وري انتظار ڪرائي ٿي.
ان ئي ڪهاڻيءَ سان جڙيل هڪ ماءُ هڪ ڏينهن پنهنجي جگر جي ٽڪري کي وڃائي ويھي ٿي. جبري موت هن کان سڀ اميدون کسي ڇڏي ٿو ۽ کيس هميشه لاءِ هر شيءِ کان جدا ڪري ٿو ڇڏي، پر هوءَ بهادر آهي، مزاحمت ڪري ٿي، پنهنجي پٽ جي جبري موت جي خلاف، سندس لاش کي تابوت ۾ بند ڪري ۽ ان کي روڊن تي آڻي ٿي ۽ احتجاج تي ويھي ٿي رھي،پوءِ اهو لاش قوم کي متحد ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو، اهو بهادر لاش پاڻ جھڙن جي لاءِ سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿو.
هو انصاف لاءِ گهٽي،گهٽي ۽ وسندي وسندي ۾ انصاف جي لاءِ ڦري ٿو ۽پنهنجي قوم کي سڏ ڏيندو رھي ٿو تھ ،اي منھنجي قوم اٿ.ھاڻي خوف جون سموريون زنجيرون ٽوڙي ڇڏ.ڊپ جي دائري کان نڪري اچ،منھنجي قوم! پنھنجين زندگين کي ھاڻي موت مان نجات ڏيارڻ ضروري آھي.ھاڻي سڏڪن،آھن ۽ تڙپندڙ روحن کي بند پڃرن مان آزاد ڪرائڻ لازمي آھي.ھاڻي اھو ضروري ٿي چڪو آھي تھ زندگيءَ چار ڏينھن بھ سڪون سان گذاريو.ھاڻي ذھنن کي خوف مان آزادي ڏيارڻي آھي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان متحد ٿي وڃون، اسان سالن کان تيرن سان پروڻ ٿيل جسم کڻي موڪلائيندا رھيا آھيون.پر هاڻي وڌيڪ نه، جيڪو مون سان ٿيو اهو ھاڻي ڪنهن ٻئي سان نه ٿيڻ گهرجي، مان پنهنجا هزارين خواب، خواهشون، ارمان، مستقبل ۽ خوشيون هميشه لاءِ ڇڏي موڪلائي ويس، پر خدا جي واسطي هاڻي ڪنھن ٻئي کان ان جي اميد، خواب،ارمان، خوشيون ۽ خواب ڦرجڻ نھ ڏجو. مون کي تھ منهنجي ماءُ،منھنجي جنت کان الڳ ڪري زبردستي کسيو ويو، هاڻي ڪنهن ٻئي بالاچ کي ان جي ماءُ ۽ جنت کان جدا ٿيڻ نھ ڏجو.!!
بالاچ ڪيچ ڪور جي وسيع ۽ ڊگھي دامن ۾ پڪاريندو رهيو ۽ ان ئي پڪار کي لبيڪ ڪندي شال مان ھڪ ڀيڻ اٿئي ٿئي جيڪا ڪيترائي سال اڳ ساڳئي درد مان گذري هئي، هوءَ ان درد کان خوب واقف آهي، هوءَ ڄاڻي ٿي ته مائرن،ڀينرون،ٻارن کان انھن جي پيارن کي کسڻ جو درد ڪيترو اذيتناڪ هوندو آهي، هوءَ ڄاڻي ٿي ته ڪنهن جي انتظار ۾ ڏينهن ۽ راتيون گذارڻ ڪيترو دردناڪ هوندو آهي، هوءَ انھن گذريل لمحن جي ھڪ هڪ درد، هڪ ھڪ، رڙ،ھڪ هڪ فرياد کان واقف آھي. هوءَ ڄاڻي ٿي،انهن ڳوڙهن جي ڇا قيمت ھوندي آھي، هوءَ ڄاڻي ٿي ته جيئري رھندي مرڻ ڇا کي چئبو آھي ؟ هن پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان اڳ يتيميءَ کي ڏٺو آهي ۽ پنهنجي ماءُ کي بيواهه ٿيندي ڏٺو آهي ۽ هوءَ چاهي ٿي ته مون کان جيڪوکسجي ويو،ھاڻي اهو ڪنھن ٻئي کان نه کسجي.
انھيءَ عزم ۽ ويزن کي کڻي ھن بالاچ جي پڪار تي لبيڪ چيو ۽ اڳيان وڌي،ھوءَ اڳيان وڌندي رھي تھ ھزارين نيم مردھ روح جوش ۾ اچن لڳا،سڪل اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، سڀني درن ۽ دروازن تان مايوس واپس موٽندڙن ۾ اميد جو ھڪ نئون ڪرڻو اڀريو، جيڪو ھڪ جگنو وانگر چمڪندي رهي ۽ ان روشني سان ھزارين گم ٿيل مسافرن کي واٽ ملڻ لڳي، ٿڪل ٽٽل پيرن ۾ وري ھمٿ پيدا ٿي وئي. دلين ۾ زندگيءَ جون نيون ڌڙڪنون ڌڙڪڻ لڳيون ۽ انھن کي پنھنجي منزل نظر اچڻ لڳي،
ڪجھه پري بند اکين تي ٻڌل پٽيون به لھڻ لڳيون. ٻيڙين ۾ جڪڙيل ڪئين پير کُلڻ لڳا، اڌ مئن جسمن ۾زندگيءَ جي نئين لهر ڊوڙڻ لڳي،اونداهيءَ جي ظلمن جا جا پردا ڇٽڻ لڳا، اُميد ۽ آس جو هڪ نئون ڪرڻو چمڪڻ پيو، دنيا ۾ ھڪ شور اٿيو، ظلم وائکو ٿي ويو. مظلومن جي چيخ و پڪار بند ديوارن ٻاهران گونجڻ لڳي، بالاچ کي لبيڪ چوندڙ، ماھ رنگ جي پڪار سان، ھزارين لبيڪ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اٿڻ لڳا،ھوءَ لوھي لڱن واري خاتون (آئرن ليڊي) اڄ هزارين مئل اميدن ۾روح ڦوڪي رھي آھي. هزارين مئل ارمانن ۾ جان وجھي رھي آھي.خوف جون سموريون ديوارون ۽ طلسم ٽوڙي رھي آھي.هزارين مائرن، ڀينرن، ڀائرن، پوڙهن ۽ ٻارن لاءِ حوصلي جو پھاڙ بڻجي وئي آھي.اھي مائرون جيڪي موت جي تمنا ڪري رھيون ھيون، ھاڻي انھن جي اندر ۾، زندھ رھڻ جي ھڪ چاھ جاڳي پئي آھي.ھا جيئڻو آھي،پنھنجي پيارن کي پنھنجي اکين سان ڏسڻو آھي.انھن کي خوني پڃرن مان آزاد ڪرائڻو آھي ۽ موت کي شڪست ڏيڻي آھي تھ زندھ رھڻو آھي.
هوءَ، ماھ رنگ حقيقي معنيٰ ۾ روشني بڻجي ڪري،هزارين اميدن جي اونداهي واٽن ۾ هڪ روشن چنڊ وانگر چمڪي رهي آهي، دنيا سڃاڻي ورتو آھي بلوچ کي.۽بلوچ تي ٿيل ھر ھڪ ظلم ۽ ستم کان باخبر ٿي چڪي آھي. دنيا ان درد کان واقف ٿي چڪي آھي جنھن درد مان بلوچ رات ڏينھن گذري رھيو آھي.دنيا کي بلوچ جي ان درد جو احساس ٿي چڪو آھي،جنھن تڪليف مان بلوچ پل پل گذرن ٿا.دنيا ڄاڻي چڪي آھي تھ قدرتي وسيلن سان مالا مال بلوچستان جا غريب ماڻھون، زندگي جي بھترين معيار جو نه، پر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جبري گمشدگيون ۽ جبري موت هاڻي بلوچن کي منظور نه آهي. هاڻي تھ خوف جي چادر هيٺان ستل جرئت ۽ بهادري جاڳي پئي آهي، پست حوصلا بلندين ڏانهن پرواز ڪرن لڳا آھن.
بلند حوصلي ۽ بهادريءَ جو پيڪر ماھ رنگ پنهنجي پيارن کي وڃائڻ بعد ھاڻي ھزارين گم ٿيلن جي گھر موٽڻ جي هڪ مضبوط اميد بڻجي وئي آهي.ھن سان گڏ هزارين اکيون چمڪي رهيون آهن، سڪل چپ واري ساوا ٿيڻ لڳا آھن ۽ڳالهائي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته هاڻي جبري گمشدگي ۽ جبري موت اسان کي بلڪل به قبول ناهي.
بلند حوصلي ۽ بهادريءَ جو پيڪر ماھ رنگ پنهنجي پيارن کي وڃائڻ بعد ھاڻي ھزارين گم ٿيلن جي گھر موٽڻ جي هڪ مضبوط اميد بڻجي وئي آهي.ھن سان گڏ هزارين اکيون چمڪي رهيون آهن، سڪل چپ واري ساوا ٿيڻ لڳا آھن ۽ڳالهائي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته هاڻي جبري گمشدگي ۽ جبري موت اسان کي بلڪل به قبول ناهي.