”فيض آباد ڌرڻي ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪيو“ٽنهي فوجي سربراهن کي خط

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ وزارت جي سيڪريٽري رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان ٽنهي سروسز چيفس کي خط لکيو ويو آهي. 2017ع جي فيض آباد ڌرڻي ۾ لاڳاپيل آفيسرز جي ڪردار جو جائزو وٺي ڪارروائي جي هدايت ڪئي  آهي.ذريعن موجب آرمي، نيول ۽ ايئر چيف کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ خط لکيا ويا. بچاءَ وزارت جي سيڪريٽري فيض آباد ڌرڻو ڪميشن  ڏانهن لکت ۾ بيان اُماڻي ڇڏيو، فيض آباد ڌرڻو ڪميشن آڏو اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ فواد حسن فواد سوڌو ڪيترائي آفيسر پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا . ذريعن موجب خط ۾ ٽنهي آرمي چيفز کي 2017 واري ڌرڻي ۾ آفيسرن جي ڪردار جو جائزو وٺڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري سيڪريٽري پنهنجو تحريري بيان ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي پنجاب جي وڏي وزير بڻائڻ جي دعوت ڏني آهي. انڪوائري ڪميشن کي 22 جنوري تي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻي آهي.  اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ فواد حسن فواد سوڌو ڪيترائي آفيسر پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا .اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ فواد حسن فواد سوڌو ڪيترائي آفيسر پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.