نواز ليگ ڪجهه به ڪري، چونڊون هر صورت ۾ 8 فيبروري تي ٿينديون: بلاول

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، اسان اڳ ئي ميدان ۾ نڪري آيا آهيون، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته جيالا ميدان ۾ لهي چڪا آهن، لاهور ۾ ڄمي مقابلو ڪنداسين، ن ليگ هميشه اليڪشن کان ڀڄندي آهي، پر هن ڀيري عوام ان کي فرار ٿيڻ نه ڏيندو، ن ليگ ڀلي ڪجهه به ڪري 8 فيبروري تي چونڊون هر صورت ۾ ٿينديون، پ پ چيئرمين چيو ته ٻڌو هو ته اين اي 127 ۾ ن ليگ جو راڄ آهي پر اهي هتي نظر نه پيا اچن، پي ٽي آءِ به اين اي 127 ۾ نظر نه اچي رهي آهي، اوهان کي جدوجهد ڪرڻي آهي.اختلاف وساري هڪ مهينو جدوجهد ڪرڻي آهي، هن چيو ته  اسان ڊڄڻ وارا، جهڪڻ ۽ پوئتي هٽڻ وارا نه آهيون، لاهور ڪالهه به ڀٽي جو هو اڄ به ڀٽي جو آهي،جيڪڏهن توهان تير جي نشان تي ٺپو هڻي اسان کي ڪامياب ڪريو ٿا ته منهنجو اهو پنجاب جي عوام سان واعدو آهي ته مان توهان کي مفت علاج، پڪا گهر، هاري ۽ مزدور ڪارڊ،نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ ۽ روزگار فراهم ڪنداسين ۽ انشاءَ الله بک ختم ڪريو پروگرام جي به شروعات ڪنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.