وڏي وزير پاران اسٽارگيٽ ويجهو تعمير هيٺ عمارت کي ڊاهڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول  باقر، شاهراهه فيصل جي خوبصورتي ۽ چوڪنڊي قبرستان جي بحاليءَ بابت جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي اسٽارگيٽ ويجهو مين روڊ آڏو تعمير هيٺ عمارت کي ڊاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ راندين ۽ نوادرات واري صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري جنگلات نجم شاهه، سيڪريٽري ثقافت خالد چاچڙ، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، آرڪيٽيڪٽس علي نقوي، محترمه ڪومل پرويز، ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت وڏي وزير کي ٻڌايو ته فلڪناز اپارٽمنٽ جي سامهون هڪ ڀِت ٺاهي وئي آهي جنهن کي پٿر جي ڪاريگريءَ جو ڪم ۽ ٽائلس سان سينگاريو ويندو. وڏي وزير اهو پڻ فيصلو ڪيو ته ڊرگ روڊ تي انڊر پاس کي به لائيٽس، پينٽ ۽ مختلف ٽائلن سان سينگاريو ويندو. شاهراهه فيصل تي ٻن فلائي اوورن کي پڻ خوبصورت ٽائلن، پينٽ ۽ ساوڪاڻ سان سينگاريو ويندو. فلائي اوور/ پلن ھيٺان ويھڻ لاءِ بينچون بڻايون وينديون.  ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته شاهراهه فيصل جي گرين بيلٽ تي وڻ ۽ موسمي گل پوکي خوبصورت بڻايو پيو وڃي وڏي وزير ڊي جي ايس بي سي اي اسحاق کهوڙو کي هدايت ڪئي ته هوءَ فلڪناز اپارٽمينٽس جي بلڊر کي سندس عمارتن جي مرمت ڪرائڻ لاءِ جلد خالي ڪرائڻ لاءِ چوي. وڏي وزير کي ڪمشنر ڪراچي، آرڪيٽيڪٽس ۽ سيڪريٽري ڪلچر اينڊ فاريسٽ پاران چوڪنڊي قبرستان جي بحاليءَ ۾ هن وقت تائين ڪيل اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪمشنر ڪراچي وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن تي بيٺل ٽرڪ/ڪنٽينرن کي هٽايو ويو آهي سيڪريٽري ٻيلو کاتو نجم شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته قبرستان لاءِ 800 مختلف قسمن جا ٻوٽا ۽ وڻ رکيا ويا آهن جنهن ۾ املي، انب، زيتون، بادام، انجير، ٻير ۽ ٻيا شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٻيلي کاتو قبرستان ۾ 50 هزار وڻ پوکيندو جن ۾ 5000 نم، 13000 گل مهر، 500 پيپل، 4000 املي ۽ ٻيا شامل آهن . جڏهن ته وڏي وزير ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي ته ان لاءِ پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ثقافتي ماڳ کي بچائڻ لاءِ ٻوٽا پوکڻ بهترين طريقو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 225 قبرون سٺي حالت ۾ آهن، 275 جزوي طور تباهه ۽ 199 قبرون خراب حالت ۾ آهن. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي ته قبرستان جي چوڌاري بائونڊري ٺاهي وڃي. وڏي وزير فيصلو ڪيو ته متبادل قبرستان طور مقامي ماڻهن کي دفنائڻ لاءِ زمين محفوظ ڪرڻ بابت اجلاس ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم جي صدارت هيٺ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.