مصطفيٰ ڪمال هٿ کڻي ويو، اين اي 242 تي شهباز شريف اميدوار هوندو

ڪراچي/لاهور (م ڊ) ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ(ن) وچ ۾ عام چونڊن ۾ ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ اتفاق ٿي  ويو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم اين اي 242 شهباز شريف کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اين اي 242 جي صوبائي سيٽن تي ايم ڪيو ايم پنهنجو اميدوار بيهاريندي.ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 11 سيٽن تي اميدوار بيهاريندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اين اي 242 تي ايم ڪيو ايم جي هٿ کڻڻ لاءِ شهباز شريف جو خالد مقبول سان رابطي جو امڪان آهي ۽ شهباز شريف سان ڳالهين کان پوءِ معاملو رابطه ڪميٽي آڏو رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.