ذوالفقار مرزا جي پٽن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس راشد حسين خان سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽن حسنين مرزا ۽ حسام  مرزا جي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا، ريٽرننگ آفيسر اين اي 223 تان اميدوار حسام مرزا ۽ پي ايس 70 تان اميدوار حسنين مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪيا هئا، ٻنهي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪيو هو، ٻه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سندس مڙس ذولفقار مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف اپيلون به رد ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.