جنرل نديم انجم جي ملازمت مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ

لاهور (عوامي آواز نيوز) آءِ ايس آءِ جي ڊي جي جنرل نديم انجم کي باضابطا طور ملازمت مدي ۾ 2 سال واڌ ڏني وئي آهي، نامياري  صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ جنرل نديم انجم جو ملازمت مدو پورو ٿي ويو هو پر کيس نئون ڊي جي اچڻ تائين ڪم به جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، آخرڪار  آرمي چيف تازو نديم انجم کي باضابطا ملازمت مدي ۾ 2 سال واڌ ڏني وئي آهي. جنهن جو مقصد 9 مئي واقعن جي جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچائڻ آهي ان سان گڏ ايف آءِ ايف سي بابت  پاليسي سان گڏ اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين جو تسلسل جاري رکڻ آهي. جيئن سول حڪومت سان گڏجي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪر سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.