بيشڪ علم حاصل ڪرڻ سان انسان ۾ ساڃاهه پيدا ٿئي ٿي، علم جي ڪري تعليم سماج جي سڌاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. انسان جي رويي ۾ جيڪا تبديلي اچي ٿي سا تعليم کان سواءِ ممڪن نه ٿِي ٿي سگهي، ڇو ته انسان شعور علم منجهان ئي حاصل ڪندو آهي، جيڪڏهن انسان وٽ علم نه هجي ته هو جانورن ۽ حيوانن جي مثال آهي. اها حقيقت آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي. انهيءَ اک سان اسين حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، سٺي ۽ خراب، نيڪي ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهون ٿا. اهڙي طرح، علم انسان مان وڏائي کي ختم ڪري نهٺائي ڪرڻ پڻ سيکاري ٿو. تعليم انسان کي سماج ۾ باعزت ۽ بامقصد زندگي گذارڻ جو اعلي درس ڏئي ٿي، جيڪو هڪ مھذب ۽ پڙهيل لکيل قوم جي اهڃاڻ سان گڏوگڏ ڪامياب زندگي گذارڻ جي منصوبابندي پڻ آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد جو چوڻ آھي ته مان گلن جو عاشق ناهيان پر اُن سڪل ٻج جو ڳولائو آھيان جنهن جو هڪ داڻو پورو باغ پيدا ڪري سگهي
چين جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته جيڪڏهن توهان هڪ سال جي منصوبابندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته چانور پوکيو، هڪ ڏهاڪي جي منصوبابندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته وڻ پوکيو، ڪامياب زندگي گذارڻ جي منصوبابندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ماڻهن کي تعليم ڏيو. اها حقيقت آهي ته، تعليم ڪامياب زندگيءَ جي راھ کي هموار ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. تعليم ڪامياب، خوشحال ۽ پرسڪون زندگي گذارڻ سان گڏوگڏ ڪنهن به قوم کي مھذب بڻائڻ جو هڪ اعلي ذريعو آهي. تاريخ گواه آهي ته دنيا جا اهي ملڪ خوشحال، طاقتور ۽ ترقي پذير آهن، جنهن جي تعليمي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي. اسين جيڪڏهن آمريڪا، سئزرلينڊ، ڊينمارڪ، انگلينڊ ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جي تعليمي شرح کي ڏسئون ته انهن جو تعليمي معيار 99 سيڪڙو کان به مٿي آهي ۽ اهي ملڪ دنيا ۾ خوشحال، طاقتور ۽ ترقي يافته ليکيا وڃن ٿا، ڇو ته انهن پنهنجي قوم کي تعليم جهڙي اَمُلھه زيور سان سرِشارُ ڪيو آهي.
نيلسن منڊيلا جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته تعليم هڪ طاقتور هٿيار آهي جنهن جي ذريعي اوهان سموري دنيا کي بدلائي سگهو ٿا. تعليم ملڪ ۽ قوم جي تقدير کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پڙهيو لکيو ماڻهو ملڪ ۽ قوم جو اثاثو هوندو آهي، ۽ سندس هر شعبي ۾ سموري دنيا جي ملڪن کي ضرورت آهي. دنيا جي عظيم اڳواڻن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن تعليم يافته هئڻ جي ڪري ئي جديد طرز جي دنيا جي جوڙجڪ ۾ آساني مهيا ڪئي آهي، ۽ ازل کان وٺي دنيا ۾ جيڪي دريافتون ۽ ايجادون ٿينديون رهيون آهن، تن جو مکيه ڪارڻ به تعليم آهي. ڇو ته تعليم سان انسان ۾ عقل ۽ فهم وڌي ٿو ۽ تعليم انسان کي جديد ۽ ترقي يافته شيون سکڻ جا انيڪ موقعا فراهم ڪري ٿي. حقيقت ۾، ملڪ ۽ قوم جي تقدير ٺاهڻ، ان کي ترقي يافته ۽ خوشحال بڻائڻ ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي. دنيا ۾ جيڪي به آسانيون ۽ سُک سهنج آهن، سي انهن جو چِٽو ثبوت آهن.
هونئن به جيڪڏهن انفرادي طور تي ڏسجي ته، پڙهيا لکيا ماڻهو اڻ پڙهيل ماڻهن کان وڌيڪ ڪامياب زندگي گذاريندا آهن. ڇو ته، انهن وٽ زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جا انيڪ موقعا هوندا آهن، جنهن سبب هو ملڪ جي وڏن وڏن ادارن ۾ اعلي آفيسر بڻجي ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو علم وارا ماڻهو پنهنجو بهترين ڪيريئر بڻائڻ جي قابل هوندا آهن ۽ سندن سماج ۾ قدر ۽ اهميت پڻ وڌيڪ ٿيندي آهي.
اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته تعليم اسان جي ملڪ ۽ قوم جو هڪ بهترين سرمايو آهي، جيڪو اسان جي قوم کي خوابن جي تعبير تائين پهچائي سگهي ٿو. اهڙي طرح، اها بيروزگاري جي مسئلي کي ختم ڪرڻ جي هڪ خاص ترڪيب پڻ آهي، جنهن سان ملڪ مان غربت کي گهٽائي سگهجي ٿو. والدين طرفان اولاد کي تعليم ڏيارڻ بنيادي حق ۽ فرض ۾ شامل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن کي والدين جي توجهھ ۽ سهائتا جي تمام گهڻي ضرورت آھي والدين پنهنجي اولاد کي جيڪو سڀ کان بهترين تحفو ڏئي سگهن ٿا اهو تعليم آھي
تعليم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ناممڪن آھي اوهان جي دردن جو هڪ ئي علاج آھي تعليم قومن جي قسمت جا فيصلا جنگ جي ميدان ۾ نه پر تعليمي درسگاهن ۾ ٿيندا آھن . ترقي ۽ تبديلي والدين جي سهڪار سان ئي ممڪن آھي پنهنجن ٻچن کي هر حال ۾ تعليم ڏياريون ۽ پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪريون، سڀني بيمارين جو علاج تعليم ئي آھي جنهن جي حاصلات ۾ وڏيون مشڪلاتون درپيش آھن جنهن سبب اسان جو سڄو معاشرو بيمار ۽ بيوس بڻيل آھي