انٿوني بنڪن جو اسرائيل ۽ عرب اڳواڻن سان ملاقات

وچ اوڀر جي جنگ کي وڌيڪ پکڙڻ کان روڪڻ جي مقصد سان آمريڪا جو پرڏيھي وزير انٿوني بلنڪن عرب ۽ اسرائيل اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي.ھو عرب اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ بعد تل ابيب پھتو آھي.ھن جنگ کي ٽي مھينا مڪمل ٿي ويا آھن، ان دوران آمريڪي اڳواڻ جو اسرائيل جو ھي چوٿون دورو آھي پر ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب تازي دوري ۽ انھن اڳواڻ سان ڳالھين جو مقصد  غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جاري تڪرار کي خطي ۾ پکڙجڻ کان روڪڻ آھي.آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن گذريل ٻن ڏينهن ۾ عرب اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي، ترڪي ۽ يونان کان  ٿي ڪري ھو تل ابيب پھتو آھي.

آمرڪي اڳواڻ بلنڪن چيو آھي ته هو اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو جي حڪومت تي دٻاءُ وجهندو ته هو شهرين جي حفاظت لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪري ۽ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي ته انساني امداد انهن ماڻهن تائين پهچي جن کي ضرورت آھي.

آمريڪي پرڏيهي وزير  اسرائيل تي زور ڀريندو ته غزه ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين کي انهن جي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جڏهن ته اسرائيل جي حڪمران اتحاد جا سخت گير ساڄي ڌر جا ميمبر غزه جي فلسطيني رهواسين کي ڪنھن ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ تي اصرار ڪري رهيا آهن.ياد رھي تھ حماس کي آمريڪا، يورپي يونين ۽ اسرائيل دهشتگرد گروپ قرار ڏئي چڪا آهن.

اسرائيل جي سڀني کان وڏي حامي آمريڪي پرڏيهي وزير، غزه جي مستقبل  جي حوالي سان بحث ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي دوري جي سلسلي ۾اردن ۾ موجود هو.ان کانسواءِ ھوءَ قطر ۽ متحده عرب امارات جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ،اردن جي بادشاهه عبدالله فلسطينين جي لڏپلاڻ بابت اسرائيلي منصوبي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. جنھن تي بلنڪن جو چوڻ ھو تھ  آمريڪا اولھھ جي ڪناري ۽ غزه مان فلسطينين جي منتقلي جي خلاف آهي ۽ آمريڪا سمجھي ٿو ته شهرين جي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انھن کي اولھھ ڪناري ۾ يهودي آبادڪارن تشدد جو نشانو نھ بڻائين.

بادشاهه عبدالله بلينڪن کي چيو تھ واشنگٽن جو ڪردار اھم آھي،ان ڪري اھو اسرائيل تي دٻاءَ وجھي غزھ ۾ فوري جنگ بندي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو اتي انساني تباھي وڌي رھي آھي.ياد رھي تھ غزه تي اسرائيل جي حملن ۾ هن وقت تائين 25  هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي آهي.

 ھوڏانھن اسرائيل جو چوڻ آھي تھ شام ۾ حماس جي ھڪ راڪيٽ ايڪسپرٽ کي ماري ڇڏيو آھي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ حسن عڪاشھ کي شام جي علائقي بيت ۾ ختم ڪيو ويو آھي.بيت  شام جي گاديءَ وار هنڌ دمشق جي ڏکڻ اولهه  جو هڪ شهر آهي. اهو گولان هائٽس جي ويجهو واقع آهي، جنهن تي اسرائيل 1967 جي جنگ ۾ قبضو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.