نوشھرو فيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) ڪڻڪ جي خرد برد جي الزام ۾ 8 فوڊ انسپيڪٽرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو، خوراڪ کاتي سن شهيد بينظير آباد ضلعي جي هڪ ۽ ساهتي ضلعي نوشهري فيروز جي 7 فوڊ انسپيڪٽرن کي ڪڻڪ جي خرد برد جي ڏوھ ۾ نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو،انهن 8 فوڊ انسپيڪٽرن تي2 ارب، 17 ڪروڙ، 72 لک 81 هزار روپين جي 26 هزار 469.35 سئو ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خرد برد ثابت ٿي آهي، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري نصير عباس سومرو اهڙا حڪم سنڌ سول سرونٽس (اِي اينڊ ڊي) رولس 1973 تحت رول 4(b) (iv) جي اختيارن کي استعمال ڪندي جاري ڪيا آهن، برطرف ڪيل فوڊ انسپيڪٽرن ۾ مجيد ڪيريو ضلعي بينظير آباد جو غلام علي خاصخيلي، پڊعيدن، ملهار راڄپر، بڙدي، چيھو، پير صادق، پراڻ سينٽرن جو علي نواز ميمڻ، نور پور سينٽر جو گدا حسين کوسو، ڀريا روڊ، چانهين سليمان ۽ علي نواز سينٽرن جو شھمير سولنگي، دريا خان مري، محرم راڄپر ۽ يوسف ڏهراج سينٽرن جو قمر الدين ميمڻ، پنيل ميمڻ سينٽر جو حسن سولنگي، ڪنڊيارو سينٽر جو رستم گوپانگ ۽ نوشهروفيروز سينٽر جو بدرالدين ڪيريو شامل آهن، جاري ڪيل 8 ڌار ڌار حڪمن ۾ شهيد بينظير آباد جي فوڊ سينٽر مجيد ڪيريو تان انسپيڪٽر غلام علي خاصخيلي تي 13 هزار 6 سئو 95.646 ميٽرڪ ٽن خرد برد ثابت ٿي جنهن جي ماليت هڪ ارب، 16 ڪروڙ، 41 لک، 26 هزار روپيا ٻڌائي وئي آهي، ضلعي نوشهري فيروز جي علي نواز ميمڻ تي 25 ڪروڙ 59 لک 52 هزار روپين جي ماليت جي 3011.205 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، گدا کوسو تي 12 ڪروڙ 79 هزار 500 روپين جي ماليت جي 1412.711 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، شھمير سولنگي تي 11 ڪروڙ، 78 لک، 52 هزار 500 روپين ماليت جي 1386.520 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، قمر الدين ميمڻ تي 18 ڪروڙ، 80 لک، 71 هزار روپين جي ماليت جي 2212.656 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ حسن سولنگي تي 5 ڪروڙ، 83 لک، 78 هزار روپين جي ماليت جي 686.878 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، رستم گوپانگ تي 6 ڪروڙ، 56 لک، 71 هزار روپين جي ماليت جي 772.619 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ بدر ڪيريو تي 27 ڪروڙ، 71 لک، 51 هزار روپين جي ماليت جي 3291.115 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خرد برد ثابت ٿي آهي.