ڊرائيورن جي اغوا ۽ تشدد خلاف گڊز ٽرانسپورٽرن 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڊرائيورن کي اغوا ۽ تشدد وارين ڪاررواين خلاف گڊز ٽرانسپورٽرن حڪومت کي 48 ڪلاڪن  جو الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو. ٽرڪ اسٽينڊ هاڪس بي روڊ تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر نور خان نيازي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گاڏين جي ڦرلٽ ۽ ڦرن جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن ڊرائيور گاڏي نه روڪي ته فائرنگ ڪئي ويندي آهي، جنهن سبب ڊرائيورن جون جانيون محفوظ نه آهن. هن چيو ته هن مهيني جي 7 تاريخ تي ڪشمور ۾ ٽرڪ جي ٽائرن تي گوليون لڳڻ هنيون ويون، 9 ڊرائيورن کي گاڏين تان لاهي اغوا ڪيو ويو انهن جي جانين کي خطرو آهي ، ٽائرن کي گوليون لڳڻ سبب 2 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي. نور خان نيازي چيو ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي اپيل آهي ته ڊرائيورن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.

مسرور سيال کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان چوڌري تي مشتمل بينچ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي تڪ 230 ۽ 231  تان اميدوار مسرور سيال پاران اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ٽربيونل پاران نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مسرور سيال طرفان موقف اختيار ڪيو ويو. عدالت ۾ چيو ويو ته منهنجي خلاف اٿاريل اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، جنهن تي عدالت مسرور سيال کي اين اي 230 ۽ 231 تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ڪراچي پوليس جي ڌار ڌار مقابلن ۾ 3 ڏوهاري زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ 3 زخمي ڏوھارين سميت چئن جوابدارن کي  گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو، ايف بي ايريا بلاڪ بي ڀرسان لانڍي ڪوٽل چورنگي ندي ڪناري ڀرسان پوليس مقابلي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ  ڦورو زخمي ٿي پيو،  پوليس محمد انس ولد محمد مبين ساٿي اويس ولد رفيق سميت گرفتار ڪري ورتو، محمود آباد ٿاڻي جي پوليس مروت پارڪ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ھڪ ملزم گلزيب کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو، باغ ڪورنگي قبرستان روڊ تي ڪاڪا چوڪ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڦورو شھزاد ولد محمد عظيم کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، پوليس جوابدار جي قبضي مان پستول ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو .

ڪراچي ۾ ناري 12هين ماڙ تان ڪري فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي فائيو اسٽار چورنگي ڀرسان عمارت جي 12هين ماڙ تان ڪري 20 ورهين جي ناري فوت ٿي وئي. افسوسناڪ واقعي بابت پوليس  جو چوڻ آهي ته 20 ورهين جي ناري اقرا نفسياتي مريض هئي جنهن جو علاج هلندڙ هو، ڇوڪري شادمان ٽائون جي رهواسي آهي ۽ پنهنجي ناني جي گهر آئي هئي. پوليس موجب اقرا عمارت جي 12هين ماڙ تان ٽپو ڏنو جنهن سبب هو فوت ٿي وئي، هن 6 مهينا اڳ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي هئي .

سڄي سنڌ ۾ خانگي اسڪولن کي پولنگ اسٽيشن بنائڻ جي اجازت

ڪراچي  (رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ خانگي اسڪولن کي پولنگ اسٽيشن بڻائڻ لاءِ هدايت نامو جاري ڪيو ويو. ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز سنڌ  رفيعا جاويد صوبي  جي خانگي اسڪول انتظاميا کي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر تي به اسڪول کليل هجن. هن چيو ته سمورا خانگي اسڪول پنهنجي تيري مڪمل ڪري ڇڏين، اليڪشن جون مقرر ٽيمون اسڪول ڏسڻ اينديون. آر او ۽ اي آر او اسڪولن جي ڪنهن به وقت وزٽ ڪري سگهن ٿا، هن هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته مڙني خانگي اسڪولن  ۾ بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي ، واش روم ۽ صفائي کي يقيني  بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.