سکر (رپورٽر) پريا ڪماري رهائي ڪميٽي طرفان پريا ڪماري ،علي اصغر مڱريو سميت ٻين مغوين جي آزادي لاءِ سکر جي علائقي صالح پٽ کان احتجاجي پنڌ مارچ ڪيو ويو، رستن تي عوام طرفان اجرڪ اوڍائي گلن جي ورکا، ڪوبه به انتظامي عملدار نه پهتو نه ئي تڪ جي نمائندن ڪردار ادا ڪيو احتجاجي مارچ جي اڳواڻي ڊاڪٽر نظير کوکر ڪئي، مخدوم بلاول، امتياز سولنگي سعيد ٽالپر ۽ اظهار شيخ عرفان ڄامڙو شامل هئا سخت ٿڌ جي موسم ۽ ڪوهيڙي باوجود صالح پٽ پريس ڪلب کان سنگرار تائين 15 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ مفاصلو طئي ڪري سنگرار پهتا، اڳواڻن جو چو۾ڻ هو ته پريا ڪماري جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي ۽ سنگرار کان روهڙي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي اسان جو پنڌ مارچ جاري آهي پريا ڪماري جي آزادي تائين احتجاج جاري ان ڪري رکيو ويو آهي ته نياڻي سميت ٻيا مائرن جا ٻچڙا پنهنجي گهر واپس ٿين، پوليس چور ڳٺ جوڙ ،پوليس ڌاڙيل ڳٺ جوڙ ،پوليس پاٿاريدار ڳٺ جوڙ ،پوليس ۽ اليڪشني ڀوٿارن ڳٺ جوڙ جي ڪري اغوا ۽ گم ڪيل سنڌ واسي آزاد نٿا ڪرايا وڃن، رياست جيڪڏهن پنهنجي ذميواري پوري ڪري ته مظلوم ۽ بي وس بڻايل عوام ڇو روڊن تي نڪري اسان هي قدم پنهنجي مظلوم ماروئڙن جون دانهون پهچائڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون، 29 مهينا اڳ سکر ضلعي جي سنگرار شهر مان عاشور ڏهاڙي سبيل هلائيندي مبينا طور اغوا بعد گم ڪيل 10 ورهين جي پريا ڪماري، 8 سال اڳ سکر شهر جي ايوب گيٽ واري علائقي مان اغوا ٿيل نينگر اصغر مڱريو، محراب پور مان ريلوي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان علي حسن ميمڻ، لکي غلام شاهه مان اغوا ڪيل عارف ابڙو، خيرپور مان ، عبدالوهاب ميراڻي ۽ ڪراچي مان اغوا ٿيل هڪ ٻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ حڪومت ۽ عدليه اڃا تائين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن جي ڪري مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ سندن مائرون پيارن جي راهن ۾ ديدون اٽڪائي ويٺل آهن، مغوين جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي.