ڪوٽڙي ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، زال، مڙس ۽ معصوم پٽ ڪُهي قتل، گهر مان لاش هٿ

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد سڪندرآباد ڪالوني جي هڪ گهر مان ٽن ڄڻن زال مڙس ۽ سندن 8 ورهين جي پٽ جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن، واقعي جو اطلاع ملڻ تي علائقي واسي ۽ حد جي پوليس پهتي، سڪندر آباد ڪالوني ۾ هڪ گهر اندر جوابدارن رات جو دير سان داخل ٿي اگهور  ننڊ ستل 35 ورهين جي الطاف غوري، سندس زال امينا ۽ 8 ورهين جي پٽ عادل غوري پٺاڻ کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو،  واقعي جو اطلاع  ملڻ شرط وڏي انگ ۾ علائقي واسي، پوليس، ايڌهي جون گاڏيون پهتيون جن لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل اسپتال پهچايا واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، واقعي بعد پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ  واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري مختلف هنڌن جا سيمپل ورتا جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ کي واقعي واري  هنڌ تان ڪو به تيز ڌار اوزار ملي نه سگهيو، پوليس موجب مقتول ڌر جي ويجهي عزيز عورت نازيه غوري ٻڌايو ته رات دير سان مون کي قتل ٿيل امينا غوري فون ڪري ٻڌايو ته اسان جي گهر ۾ سندس سُهري، سس ۽ هڪ اڻڄاتل شخص گهر ۾ داخل ٿي آيا آھن جن سندس مڙس ۽ پٽ کي قتل ڪيو آهي، هاڻ مون کي مارين ٿا جلدي پهچو، ان کانپوءِ فون تي صرف رڙين جا آواز آيا، مليل ڄاڻ موجب مقتول ڌر اصل حيدرآباد جا رهواسي آھن ڇھن مهينن کان سڪندر آباد ڪالوني ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا هئا مقتول عورت امينا غوري لمس ۾ ماسي جو ڪم ڪندي هئي سندس مڙس پورهيت هو جيڪي گهرو اڻبڻت سبب هتي ڪرائي جو گهر وٺي ترسيل هئا جن کي ڪهي قتل ڪيو ويو، ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز جو چوڻ هو ته اسان مامري جي جاچ ڪريون پيا ڪجھه ڄاڻ به ملي آھي، ڪرائم سين يونٽ شاهديون گڏ ڪري پيو واقعو انتهائي افسوس ناڪ آھي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي پاسي قتل ٿيل زال مڙس ۽ پٽ واري معاملي جو ڊي آءِ جي حيدرآباد نوٽيس وٺي ايس ايس پي ڄامشورو کي هدايت جاري ڪئي ته مقتولن جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

گهر جي هيٺين حصي ۾ رهندڙن ٻڌايو ته رڙين تي مٿي چڙهي ڏٺو ته ٽئي ڀاتي قتل ٿيل هئا: ڊي ايس پي

ڪوٽڙي: ڊي ايس پي ڪوٽڙي  واقعي بابت بڌايو ته گهر جي هيٺئين پورشن ۾ رهندڙ گهر جي مالڪن شروعاتي طور پوليس کي ٻڌايو جنهن بعد مقتولا عورت جي ڀاءُ به پوليس کي اطلاع ڏنو، گهر مالڪن موجب دانهن جي آواز تي مٿي چڙهي ڏٺو ته ٽئي گهر ڀاتي قتل ٿيل  هئا، ڊي ايس پي ڪوٽڙي موجب لاشن ڀرسان واردات ۾ استعمال ۾ ٿيل ڇري به هٿ آئي آهي جنهن کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مقتول الطاف جو ڀائرن سان ملڪيت جو تڪرار هلندڙ هو: پوليس ذريعا

ڪوٽڙي: پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مقتول الطاف جو ڀائرن  سان جائداد جو تڪرار هلندڙ هيو، سندن گڏيل گهر کي وڪرو  ڪري سندس ڀاءُ رفيق ڪراچي وڃي رهيو هو، تڪرار سبب مقتول مختلف هنڌن تي مسواڙي گهر تبديل ڪندو رهيو، پوليس ذريعن موجب شروعاتي ڄاڻ موجب واقعي واري وقت الطاف کي قتل ٿيندي ڏسي عورت مينا ڪوٽڙي ۾ رهندڙ سندس ڀاءُ کي فون ڪري ٻڌايو ته سندس مڙس جو ڀاءُ رفيق، لالو ۽ هڪ عورت ڇري سان قتل ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي هو مون کي به مارڻ وارا آهن، مقتول عورت جي ڀاءُ موجب مينا اها ڳالهھ ٻڌائي رهي هئي ته سندس دانهن جو آواز آيو ۽ کيس پڻ ڇري سان ڪٺو ويو، پوليس موجب هڪ منٽ جي ان ڪال دوران ئي عورت کي به قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ننڊ ۾ ستل ٻار کي پڻ قتل ڪيو ويو. چيو پيو وڃي ته واردات ۾ ٻه مرد ۽ هڪ عورت شامل هئي.

ٽنهي مقتولن  جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي،ماحول سوڳوار

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ڇريءَ سان ڪهي قتل ڪيل زال مڙس ۽ سندن پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، مڙس، زال ۽ پٽ جي جنازي  نماز ڪوٽڙي مريم سينٽر ڀرسان مسجد ٻاهران ادا ڪئي وئي، ٽنهي ڄڻن کي نوري مسجد قبرستان ۾ دفنايو ويو، الطاف غوري، سندس زال مينا ۽ 8 ورهين جي پٽ عادل سميت ٽن ڄڻن کي اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ گهڙي ڇري سان ڳلا ڪپي  قتل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.