جبري گمشدگين جا ڪي پي ۾ 3485، بلوچستان ۾ 2752 ڪيس رپورٽ ٿيا: ڪميشن رپورٽ

اسلام آباد(م ڊ) عدالتي حڪم تي مسنگ پرسنز ڪميشن سمورا تفصيل اٽارني جنرل کي جمع ڪرائي ڇڏيا. مسنگ پرسنز ڪميشن جي رپورٽ موجب ڪي پي ڪي مان گم ٿيل ماڻهن جا سڀ کان وڌيڪ 3485 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڪي پي مان شهرين جي گم ٿيڻ جو سبب بدامني ۽ ڊرون حملن ۾ فوتگيون آهن، جڏهن ته بلوچستان مان  شهرين جي جبري گمشدگي جا 2752 ڪيس رپورٽ ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنگي حالتن ۾ ڪنٽب آگاهه ڪرڻ کانسواءِ پرڏيهه وڃڻ به جبري گمشدگين جو هڪ سبب آهي. رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهن کي پيش ڪرڻ لاءِ 744 پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا، جن مان رڳو 52 تي عمل ٿيو، ڪميشن پاران جاري ڪيل 692 پروڊڪشن آرڊرن تي لاڳاپيل اختيارين عمل نه ڪيو، پوليس ۽ حساس ادارن طرفان 182 پروڊڪشن آرڊرز تي نظرثاني جي درخواست ڏني وئي. جڏهن ته عمل ۾ نه ايندڙ پروڊڪشن آرڊرن مان 503 ڪي پي جا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارچ 2011 کان ڊسمبر 2023 تائين 4413 گم ٿيل ماڻهو گهر واپس پهتا، 994 گم ٿيل ماڻهو مختلف حراستي مرڪزن ۾ قيد آهن ۽ 644 گم ٿيل ماڻهو ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. رپورٽ موجب مارچ 2011ع کان ڊسمبر 2023ع تائين 261 گم ٿيل ماڻهن جا لاش مليا، ڪميشن 1477 ڪيسن کي جبري گمشدگي نه ڄاڻائي رد ڪيو، جيڪي ڪيس خارج ٿيڻا آهن اهي ڀتي عيوض اغوا، ذاتي دشمني يا پاڻمرادو گمشدگي جا ڪيس هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جا 260، سنڌ جا 163، ڪي پي ڪي جا 1336، بلوچستان جا 468، اسلام آباد جا 55 ۽ آزاد ڪشمير جا 15 ڪيس التوا ۾ آهن. رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ۾ مجموعي طور تي 35 آفيسر ۽ ملازم مقرر آهن، ڪميشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي ماهوار پگهار 15 لک کان وڌيڪ آهي، ڪميشن جي سربراهه جاويد اقبال 6 لک 74 هزار، ميمبر ضياءَ پرويز 8 لک 29 هزار جڏهن ته ڪميشن ميمبر امان الله خان 11 لک 39 هزار ۽ شريف ورڪ 2 لک 63 هزار رپيا ماهوار وٺندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.