عدالت پاران مومن آباد ۾ منشيات وڪري جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي  ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ منشيات جو ڪاروبار بند ڪرائڻ بابت درخواست تي پوليس کي 30 جنوري تائين جاچ  ڪري جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊي ايس پي اورنگي ٽائون عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار موقف ڏيندي چيو ته پوليس اهلڪار جي مدد سان مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ منشيات جو ڪاروبار جاري آهي. درخواست گذار ٻڌايو ته ارسلان عرف سني، شاهد ۽ پوليس اهلڪار مائٽ منشيات وڪري ۾ ملوث آهن، ايس ايڇ او مومن آباد منشيات وڪرو ڪندڙ مافيا جي پٺ  ڀرائي ڪري رهيو آهي. منشيات وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ تي محلي واسين تي تشد ڪيو ويو آهي. درخواستگذار ٻڌايو ته ايس ايڇ او انصر بٽ جي نگراني ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪيو پيو وڃي.درخواست گذار اپيل ڪئي ته مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ منشيات جو ڪاروبار بند ڪيو وڃي. پوليس آفيسرن موقف ڏيندي چيوته معاملي جي انڪواري ڪري رپورٽ جمع ڪرائينداسين. عدالت پوليس کي 30 جنوري تائين جاچ ڪري جواب جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.