ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) ڪراچي جي مختلف تڪن تي بيٺل جي ڊي اي جي عورت اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آھن، فنڪشنل ليگ ھائوس ڪراچي م پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم جي صدارت ھيٺ فنڪشنل ليگ عورت ونگ جو اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جي ڪنوينئر بئريسٽر ارشد شر بلوچ ،شھناز جميل ،فقير امام بخش سميت عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ،اجلاس کي خطاب ڪندي سردار عبدالرحيم چيو ته ملڪ جي آئين ۾ عورتن کي واضع حق مليل آھن،فنڪشنل ليگ پروگريسو جماعت آھي،پير صاحب پاڳاري سدائين نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو آھي ، سردار عبدالرحيم چيو ته اسان کي ان ڳالھ تي حيرانگي آھي ته ڊاڪٽر فھميدہ مرزا جا نامزدگي ڪاغذ ڇو رد ڪيا ويا آهن