ڪراچي (رپورٽر) صحت کاتي کي ڪراچي آيل 6 شڪي ڪوويڊ ويريئنٽ مسافرن جي رپورٽ ملي چڪي آهي. مسافر ٻاهري ملڪ مان ڪراچي ايئرپورٽ پهتا هئا، سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان مطابق هڪ مسافر بينڪاڪ جڏهن ته ٻيو ابوظهبي کان ڪراچي پهتو هو. هڪ مسافر جو تعلق بلوچستان جي ڪيچ سان آهي، جڏهن ته ٻئي مسافر جو اباڻو تعلق سانگهڙ سان آهي. پر رهائش قاسم آباد حيدر آباد جي آهي. جاچ لاءِ موڪليل 6 مسافرن مان انهن ٻن ۾ جي اين 1 هاڪاري اچي ويو. ٻنهي مسافرن کي گهرن ۾ قرنطينا جي هدايت ڪئي وئي آهي. شارجا کان ٻه جده کان پهتل ٽنهي مسافرن جي ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي. جده کان ڪراچ پهتل ٻي مسافر جي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي.
ڪورونا جي امڪاني پکيڙ کان بچڻ لاءِ ماسڪ پايو، وٿي رکيو: صحت کاتو
ڪراچي ( رپورٽر ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وبا جي امڪاني ڦهلاءَ جي روڪٿام لاءِ سنڌ جي صحت کاتي صوبي جي شهرين کي ان وچڙندڙ وبا کان پاڻ بچائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سنڌ جي نگران صحت واري وزير جي هدايتن تي ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ نئين ڪووڊ ويرينٽ بابت ڊي جي صحت سنڌ پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ سنڌ جي سمورن ڊي ايڇ اوز ۽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي چيو ويو آهي ته هو ڪووڊ 19 جي نئين قسم جي حوالي سان قدم کڻن. هدايتن موجب ڪورون متاثر ماڻهن کي سڃاڻي الڳ ڪيو وڃي، ڪورونا جي امڪاني پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ، متاثر ٿيل مريضن سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي ۽ پاڻ کي آئسوليٽ ڪرڻ گهرجي. هدايتن موجب سمورن اسپتالن ۾ بيڊ، طبي سهولتون ۽ وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي .۽ خاص طور تي متاثر علائقن ۾ ويڪسينيشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ڪورونا بابت لاڳاپيل ڪوڙين خبرن جي بدران، قابل اعتماد ذريعن کي استعمال ڪيو وڃي، ڪورونا جي پکيڙ، نون ڪيسن جي تشخيص کي مضبوط نگراني نظام تحت مانيٽر ڪيو وڃي. هدايتن ۾ شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو احتياطي اپاءَ وٺن ۽ منهن تي ماسڪ استعمال ڪن هڪٻئي سان فاصلو رکيو وڃي.