اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ۾ ٽڪيٽون ورهائڻ تي اختلاف سامهون اچي ويا. ان حوالي سان انصاف لائرز فورم جي مرڪزي صدر قاضي انور جي آڊيو به اچي وئي. قاضي انور چيو ته پي ٽي آءِ باني منهنجي لسٽ عمل جو چيو هو. بئريسٽر گوهر ٽن ڏينهن کان منهنجو فون نه پيو کڻي. ٻڌو آهي ته وڪيلن کي ڪوئي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته اسان سان جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته اڱاري تي حڪمت عملي جوڙينداسي، قاضي انور ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني مون کي پاڻ چيو هو ته ٽڪيٽ وڪيل کي ڏني ويندي، پارٽي ٽڪيٽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن کي ڏيڻ چاهي ٿي، قاضي انور چيو ته 9 مئي واقعن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون آئي ايل ايف جون آهن. ٽڪيٽ آئي ايل ايف ميمبرز کي ئي ملڻ گهرجي. ان جي حق لاءِ آواز اٿاريندس.