اسيمبلي ميمبر لاءِ ڪي اهليت جا معيار ضرور هوندا آهن: جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس يحيٰ آفريدي تاحيات نااهلي بابت فيصلي سان اختلاف ڪندي اختلافي نوٽ لکيو. جسٽس يحيٰ آفريدي طرفان  اختلافي نوٽ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سميع الله بلوچ جو فيصلو درست هو ڇو ته اسيمبلي ميمبر لاءِ ڪي اهليت جا معيار ضرور هوندا آهن. جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته سميع الله بلوچ ڪيس جو فيصلو برقرار رکيو وڃي. سميع الله بلوچ ڪيس ۾ تاحيات نااهلي جو فيصلو قانوني آهي ۽ نااهليءَ تيستائين جاري رهندي جيستائين اعلان جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.