راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته مان عالمي ميگزين ۾ ڇپجندڙ ڪالم جي ذميوار آهيان. عدالت جي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ جي باني صحافين سان مختصر ڳالهه ٻُلهه ڪئي. هڪ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته دي اڪانومسٽ ۾ ڇپيل آرٽيڪل اوهان ئي لکيو هو؟ ته هن جواب ڏنو ته مان پرڏيهي ميگزين ۾ ڇپجندڙ ڪالم جي ذميواري کڻان ٿو هن چيو ته مان ڪالم بابت زباني هدايتون ڏنيون هيون. انهن گائيڊ لائنز جي نتيجي ۾ ئي آرٽيڪل لکيو ويو ۽ ڇاپيو ويو ۽ مان آرٽيڪل زباني ڊڪٽيٽ ڪرايو هو. هن ٻڌايو ته ايندڙ هفتي منهنجي هڪ تقرير به سوشل ميڊيا تي اچي ويندي، اڄ ڪلهه (اي آئي) جو زمانو آهي.