ڪراچي (م ڊ ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم ذريعن موجب اين اي 242 تي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اميدوار آهي، ان سيٽ تي ايڊجسٽمينٽ نه ٿيندي. ايم ڪيو ايم ذريعن موجب ملاقات ۾ اين اي 243 ڪياماڙي جي قومي ۽ صوبائي سيٽن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.