سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف سانا طرفان هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج

هيوسٽن، ٽيڪساس(پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪرڻ واري فيصلي خلاف ٽيڪساس رياست جي شهر هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي سانا جي ايڊووڪيسي اينڊ رائيٽس ڪاميٽي جي ڪنوينر ذاڪر بُلو ۽ سانا باءِ لاز ڪاميٽي جي چيئرمين طلعت ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته  اڳ ئي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن، بدين، ٺٽي، ڪراچي، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضي کانپوءِ هاڻي رهيل سنڌ تي به قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضو سنڌين جي نسل ڪشي برابر آهي. هڪ پاسي سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن. غربت سبب نوجوان آپگهات ۽ مائرون پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن. سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ بدران مقامي هارين ۽ بي روزگار نوجوانن ۾ ورهايون وڃن. هنن چيو ته پاڪستان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي ننڍن صوبن سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان سان محڪومن واري روئي سبب ٻنهي صوبن ۾ احساس محرومي وڌي وڻ ٿي چڪي آهي.  سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، سون، درياء، سمنڊ، ۽ پهاڙن سميت هر شئي تي مڪمل قبضو ڪري سنڌين کي غلامن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پنهنجي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ماڻهن جي آواز کي ٻڌڻ بدران کين  گم ڪيو پيو وڃي. هنن بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ سميت کنڀي گم ڪيل بلوچن جي وارثن مٿان اسلام آباد ۾ ٿيل وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان مان جبري کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو پڻ ڪيو. مظاهري ۾ هيوسٽن جي سنڌي ڪميونٽي جي متحرڪ اڳواڻن ڊاڪٽر سرمد ميمڻ، ممتاز ميمڻ، صدام ڪورائي، اي عباسي، سهيل سومرو، ڊاڪٽر محمد اقبال سيهڙ، سعيد شيخ، خالد جمالي، عبدالرزاق منگي، شهناز شيخ، ساراه بُلو، نڪولتا ٽالپر، ظهير بلوچ،  عبدالله گهوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.