ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ جو پنڌ مارچ

ڪيٽي بندر/ ڳاڙهو (نمائندن وٽان) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين نيلام ڪرڻ ۽ ڪينجھر، ھاليجي ڍنڍ، ڪوھستان، ڀنڀور ۽ سامونڊي پٽي تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٻگھاڻ کان ڳاڙهو تائين 10 ڪلو ميٽر احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو، عورتن ۽ ٻارڙن، نوجوانن، هارين، مقامي متاثر ماڻھن، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پيادل مارچ ۾ شرڪت ڪئي. مارچ ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ هو زمينن تي قبضا بند ڪريو، سنڌ تي قبضو بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، ڪوڙو زرعي انقلاب نامنظور، دهشتگردي بند ڪريو، قبضا گيري بند ڪريو، ڪينجهر کپائڻ بند ڪريو، ڪارونجھر کپائڻ بند ڪريو وارا نعريٰ هڻي رهيا هئا. هن مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النسا پليجو، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زنئور، رزاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، بلاول لاشاري، عاطف ملاح، غلام علي زنئور، رياض عباسي، شاھ محمد چانگ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ سلما لاشاري، زاهده لاشاري، سمينه لاشاري، سنيلا پليجو، زويا پليجو، اسلم سمون ۽ ٻين ڪئي، مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ملڪي حڪمرانن قائد اعظم محمد علي جناح جي سيڪيولر ۽ جمهوري پاڪستان جو چھرو مسخ ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن 1971ع واقعي مان ڪو به سبق حاصل نه ڪيو آهي، بنگالين جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، انھن جا وسيلا ۽ زمينون ڦٻايا ويا پر حڪمرانن بنگالي عوام کي قبول نه ڪيو. سنڌ جي ٺٽي ضلعي جي زمينن تي قبضا ڪري مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ ضلعي ٺٽي جي لکين ايڪڙ زمين عالمي ڪمپني کي وڪرو ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي جي حڪمرانن زمينن جا جعلي کاتا ٺاهي زمينن کي نيلام ڪيو آهي. بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي سٽي سميت مختلف رهائشي اسڪيمن جي آڙ ۾ لکين ايڪڙ زمين غير قانوني طور ڦٻائي وئي آهي، ڪينجھر ڍنڍ تي ڪي فور منصوبو ڪينجھر ڍنڍ جو موت آهي، ڪي فور منصوبي وسيلي ڪينجھر ڍنڍ جو سمورو پاڻي غير قانوني طور اڏيل رھائشي اسڪيمن ۾ پهچايو ويندو، حڪمرانن سنڌ جي قدرتي ڍنڍن، ماڳن ۽ مڪانن کي ختم ڪري سنڌ جي قومي موجود مٿان وار ڪيو آهي، سنڌ جي حڪمرانن کي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي نيلامي جو ڪو به آئيني اختيار ڪونھي، سنڌ جا وسيلا، زمينون، ماڳ ۽ مڪان سنڌ جي قومي ملڪيت آهن. نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ جا ماڻهو زمينن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا. زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون والارڻ سنڌ جي وجود تي وار آهي. زرعي انقلاب جي نالي ۾ ملڪ جي 44 لک ايڪڙ زمين جي نيلامي تي سپريم ڪورٽ خاموش آهي. زمينن تي قبضن جي ڪري ملڪ جا لکين هاري بي روزگار ٿي ويندا، عالمي سامراجي ادارن کان قرض وٺي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙن جو احتساب ٿيڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.