دي اڪانومسٽ ۾ ڇپيل آرٽيڪل جي ذميواري قبول ڪيان ٿو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان دي اڪانومسٽ آرٽيڪل جي ذميواري قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه اڊيالا جيل ٻاهران پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هو دي اڪانومسٽ ۾ ڇپيل آرٽيڪل جي ذميواري قبول ڪري ٿو. هن چيو هو ته پي ٽي آءِ جي باني وٽ دي اڪانومسٽ ۾ آرٽيڪل شايع ڪرائڻ جو ڪو به طئي ٿيل طريقو ناهي. ٻئي پاسي جيل اختيارين آرٽيڪل جي حوالي سان اڊيالا جيل ۾ جاچ ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دي اڪانومسٽ پاران شايع ٿيل آرٽيڪل لکت ۾ جيل مان ناهي نڪتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.