آءِ پي پي کي واعدي موجب ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ ن ليگ تي دٻاءُ

لاهور (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اختلاف وڌي ويا آهن. جنهن ڪري آءِ پي پي ۽ ن ليگ چونڊ مهم شروع ڪري نه سگهيون آهن. نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته جڏهن  عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو تڏهن پي تي آءِ  جي قومي ۽ صوبائي  اسيمبلي ميمبرن پارٽي پاليسي ٿڏي بي اعتمادي رٿ جي ان ڪري قومي ۽ پنجاب اسيمبليءَ  ۾ حمايت ڪئي هئي ته چونڊن ۾ کين ن ليگ ٽڪيٽون ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي اهي ميمبر آءِ پي پي ۾ شامل آهن ۽  ن ليگ کان 17 قومي ۽ 25 صوبائي ٽڪيٽون گهري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان وقت شهباز شريف پي ٽي آءِ ميمبرن سان نواز شريف جي صلاح مشوري ۽ اجازت سان ٽڪيٽون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. هاڻي  جڏهن عمل ڪرڻ جو موقعو آيو آهي تڏهن ن ليگ پنهنجن پارٽي اڳواڻن کي به  ٽڪيٽون نه ٿي ڏئي سگهي جن سخت دور ۾ به پارٽي نه ڇڏي هئي. ان صورتحال ۾ آءِ پي پي کي ن ليگ صرف 3 قومي ۽ ڪجهه صوبائي سيٽون ڏيڻ جو چئي رهي آهي. جنهن تي هو راضي نه آهن.نتيجي طور اسٽيبلشمينٽ ذريعي شهباز شريف تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ڪيل واعدي تي عمل ڪرايو  پر نواز شريف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري ٻئي پارٽيون مونجهاري جو شڪار آهن ۽ چونڊ مهم به شروع نه ڪري سگهيون آهن. ڇاڪاڻ ته جيستائين اميدوارن جو حتمي فيصلو نه ٿيندو ته چونڊ مهم ڪيئن شروع ٿيندي، ڇو ته جڏهن اميدوارن کي ٽڪيٽون ملنديون تڏهن اهي تڪن ۾ وڃي مهم هلائيندا. ڏسجي ته نواز شريف ڪيئن مسئلو حل ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.