ڪراچي (رپورٽر ) پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. درخواستگذار وهاب بلوچ پي ٽي آءِ اميدوارن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ مهم هلائڻ کان روڪيو پيو وڃي، چونڊن کان پاسو ڪرائڻ ۽ رنڊڪ وجهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين هر شهري کي چونڊن ۽ مهم ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏئي ٿو. درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن سميت لاڳاپيل ادارن کي آئين تي عملدرآمد جو پابند بڻايو وڃي. درخواست ۾ اليڪشن، آءِ جي سنڌ، ڪراچي جي ٽن ضلعن جي آر اوز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.