ملتان (م ڊ ) اليڪشن ٽربيونل ملتان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل رد ٿي وئي آهي. اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس سرفراز ڊوگر شاهه محمود قريشي جا پي پي 219 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف آر او جي فيصلي کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي اليڪشن ٽربيونل زين قريشي ۽ مهربانو قريشي جي اين اي 150، اين اي 151 ۽ پي پي 218 تان چونڊ وڙهڻ جي لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شاهه محمود قريشي جي وڪيل مهر ضمير سنڊهل چيو آهي ته نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي خلاف ڊويزنل بينچ ۾ اپيل داخل ڪنداسين.