سينيٽ ٺهراءُ کانپوءِ معاشي ايمرجنسي جون ڳالهيون پيون ٿين: نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ڪالهه ڇنڇر تي بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي توهين ڪري رهيا آهن، سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري قرارداد پاس ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اھڙو عمل جمهوريت جي خلاف آهي. ملڪ ۾ جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جون سازشون ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جهڙين مڪروھ ڪوششن کي عوام ھرگز قبول نه ڪندو . ان موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ وقار مهدي، رضا هارون ۽ انيس ايڊووڪيٽ، محبوب عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا. نثار کھڙي چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ جون ڳالهيون سپريم ڪورٽ کي باءِ پاس ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پيپلز پارٽي ۽ ملڪ جو عوام 8 فيبروري تي چونڊون چاهي ٿو ۽ جمهوريت خلاف ٿيندڙ ڪوششون پاڪستان جي عوام کي قبول ناھن، چونڊون جو عمل مڪمل ٿي چڪو آھي، ان ڪري امن امان ۽ موسميات جو ڪو به سبب نه هئڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته سينيٽ ۾ ڪورم پورو نه ھئڻ باوجود سينيٽ جي 14 مان 12 ميمبرن قرارداد ذريعي پاڪستان کي چوري ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، اهڙو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي عوام کان  چونڊن وارو بنيادي حق کسيو پيو وڃي، ان ڪري چونڊون ڪرائي ملڪ کي عوام جي نمائندن حوالي ڪيو وڃي، پر سينيٽ ۾ هڪ سازش ڪندي جمهوري عمل ۾ عوام کي چونڊن کان پري رکڻ وارو عمل ملڪ جي عوام سان مذاق آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ عدالت آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار ڏنو هو پر هاڻي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ضمانتون به وٺي ڇڏيون آهن ته 8 فيبروري تي چونڊون ڪرايون وڃن، ان ڪري اھڙي پاس ٿيل قرارداد جو اليڪشن تي اثر نه پوندو ۽ اليڪشن 8 فيبروري تي ٿيندي. هن چيو ته چونڊون ٿيڻ کان پوءِ سينيٽ ۾ اھڙو قرارداد پيش ڪندڙ 12 ميمبرن جا چھرا قوم کي ياد رھندا. نثار کهڙو چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ سميت سموري  ملڪ ۾ ترقي جي خواھشمند آھي پر  وفاق کي ايف سي ايوارڊ ڏيڻو ھو ، اھو اڃان تائين سنڌ کي ناھي مليو، سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق کان پورو حصو ملندو ته سنڌ انھيءَ حساب سان ترقياتي فنڊز رکيا ويندا آھن، جڏھن ته آئيني طور تي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي ۾ اضافو ته ڪري سگھجي ٿو پر ان ۾ گھٽتائي نه ٿي ڪري سگھجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي لسانيات ۽ تعصب تي يقين نه رکي ٿي، سمورين ٻوليون ڳالهائيندڙن سميت اسٽيڪ ھولڊرن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي. هن چيو ته صدر آصف زرداري سان ملاقات دوران سندس خيال ٻڌي سُٺو لڳو. هن چيو ته اندرونِ سنڌ ۽ بيرون سنڌ جھڙا لفظ منفي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، مهاجرن ۽ سنڌين وچ ۾ ناڪاري سوچ ۽ تعصب ختم ٿيڻ گهرجي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ سياسي مفادن لاءِ جيڪو تعصب پيدا ڪيو ويو آهي، اهو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. رضا هارون چيو ته اسان جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ پيدا ٿيل منفي ۽ تفريق کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي، هن چيو ته ٽن ڪروڙن جي شهر کي ترقي ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي سنڌ جي مفادن تحت گڏ ٿيڻو پوندو، ان لاءِ مفاھمت جو بادشاھھ بڻيل آصف علي زرداري کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته لسانيت ۽ قوميت جي نالي تي سياست گھڻي ڪئي وئي آهي، ڪراچي شھر جي ترقي لاءِ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. انيس ايڊووڪيٽ چيو ته سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺهڻ واري آهي. ھن چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي اڳواڻي ھيٺ پيپلز پارٽي ۽ عوام لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.