چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ تي پابندي جو امڪان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ تي پابندي پوڻ ۽ عمران خان جو سياسي باب هميشه لاءِ بند ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن،  نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظميءَ جو چوڻ آهي ته 9 مئي وارن واقعن ۾ اٽڪل 8 مهينا گذرڻ باوجود هڪ به جوابدار کي سزا نه ملڻ مان محسوس ٿي رهيو هو ته  شايد اسٽيبلشمينٽ نرميءَ  کان ڪم وٺي  رهي آهي پر عمران خان ” اڪانومسٽ“  ۾ ڪالم لکي اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ ڪاوڙائي وڌو آهي، جنهن کانپوءِ 9 مئي واقعن جون نيون وڊيوز ميدان تي اچڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙ ” ماسٽر مائينڊ “  جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي به جوڙِ وئي آهي. اهي اشارا آهن ته اسٽيبلشمينٽ نرميءَ  بدران سختيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن ڪري امڪان آهن ته چونڊن کان اڳ وري ڪو وڏو آپريشن ٿي سگهي ٿو. ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن کي سزائون ڏيڻ جوعمل به تيز ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪابينا ڪميٽيءَ جي رپورٽ اچڻ بعد پي ٽي آءِ تي چونڊن کان اڳ پابندي لڳي سگهي ٿي ۽ عمران خان جو سياسي باب هميشه لاءِ بند ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.