بنگلاديش ۾ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ وڳوڙ، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

بنگلاديش ۾ اڄ ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ پرتشدد واقعا پيش آيا، جتي مظاهرين پولنگ بوٿن کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڍاڪا ۾ ٽرين  کي به باهه ڏني وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. نيوز ايجنسي اي ايف پي ۽ رائٽرز موجب ڍاڪا ۾ انٽرسٽي بيناپول ايڪسپريس کي احتجاج ڪندڙن باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. رائٽرز سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير اي ڪي عبدالمومن چيو ته چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيندڙ اهڙو واقعو ملڪ ۾ جمهوري عمل کي روڪڻ جي ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته هي افسوسناڪ واقعو بدنتي تي ٻڌل عزم رکندڙ طرفان ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي جمهوري قدرن تي حملي برابر آهي جنهن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پوليس حملي جو الزام مخالف ڌر جماعت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي تي لڳائيندي چونڊن کي خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پوليس پاران واقعي ۾ ملوث 7 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ نبي الله نبي سميت واقعي ۾ ملوث ستن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مخالف ڌر جماعت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي سڄي ملڪ ۾ ٻن ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪندي عوام کي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.