9 مئي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪار جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق  ڪاڪڙ جي هدايت تي 9 مئي سانحي بابت ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.ڪابينا ڊويزن ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪابيناڪميٽي 14 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪابيناڪميٽي جي سربراهي قانون بابت نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪندو. ڪميٽي 9 مئي 2023 جي واقعن جو جائز وٺندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ سفارشون تيار ڪندي.ڪميٽي جي ٽي آر اوز ۾ شامل آهي ته ڪابينا ڪميٽي 9 مئي  واقعن جا سبب ڳوليندي. ڪميٽي 9 مئي  واقعن جي ماسٽر مائينڊ، منصوبا تيار ڪندڙ، سهولتڪارن ۽ عمل ڪندڙن جوبه پتو لڳائيندي.جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪميٽي 9 مئي کان پوءِ ڊگهي مدي وارن اثرن جو به جائزو وٺندي جڏهن ته گهرو وزارت  ڪابينا ڪميٽي کي سيڪريٽريٽ سپورٽ فراهم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.