ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم ڪارڪن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ڊ   ر(ٽنڊو محمد خان ۾ بي سيڪشن پوليس راڄونظاماڻي روڊ تان جسقم جي ڪارڪن راجيش ٺاڪر کي گرفتار ڪري  ورتو. گرفتاري خلاف مردن توڙي عورتن احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.احتجاج دوران جسقم جي اڳواڻن سڪندر سنڌي، عبدالرزاق خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته بي سيڪشن پوليس جسقم جي ڪارڪن راجيش ٺاڪر کي بنا ڪنهن سبب جي گرفتار ڪري سندس خلاف منشيات جو جڙتو ڪيس داخل ڪيو آهي، گرفتار ڪيل ڪارڪن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي ، هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي پوليس گشت دوران جوابدار راجيش ٺاڪر کان وڏي مقدار ۾ مين پوڙي گهٽڪو برآمد ڪري سندس گرفتاري عمل ۾ آڻڻ بعد ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.