لاڙڪاڻو(س ر)شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي به گلن جي چادر چاڙهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو قائد عوام سميت سمورن شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي.پارٽي ڪارڪنن پاران منعقد ڪيل قرآن خواني ۾ بيبي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو به شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پ پ چيئرمين جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو، سهيل انور سيال، خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.