پرڏيهي رسالي کان عمران خان جي مضمون بابت پڇيو ويندو: نگران سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءِ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرڏيهي رسالي ” دي اڪنامسٽ“ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان  جي شايع ٿيل مضمون جي حوالي سان ايڊيٽر کان پڇي رهيا آهيون، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان دي اڪانومسٽ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان جي طرفان لکيل مضمون جي باري ۾ لکي رهيا آهيون،هن چيو ته اها ڳالهه حران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز ادارو هڪ اهڙي فرد جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ملي چڪي آهي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته اخلاقي ميار برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي، اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته دي اڪانومسٽ جي طرفان مضمون جي اشاعت جي حوالي سان ادارتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.