گذريل هڪ ڏهاڪي کان مٿي جو عرصو گذريو آھي ته سنڌ جي مجموعي صوبائي ادارن ۾ هن وقت تائين ڪرپشن ڪرڻ جا نوان نوان نمونا متعارف ڪرايا ويا آھن جيڪي مختلف مانيٽرنگ ،ايويليوشن اينڊ پلاننگ ڊوولپمنٽ سيل جي نالن سان هر اداري ۾ ضرور نظر ايندا.
انهن ادارن ۾ وڏي پئماني تي مانيٽرنگ ۽ ڊولپمنٽ جي نالي سان بجيٽ ٽرانسفرڪئي وڃي ٿي جتي هڪ ته اداري جي اهل ۽ نااهل سان گڏ ڪرپٽ ۽ شاطر قسم جي ماڻھن کي ويهاريو ٿو وڃي،قصو اتي به ختم نٿو ٿئي رهي ڪسر ڪم جا ڦرتيلا پرائيويٽ ماڻھو گهٽ پگهارن تي آڻي انهن کان ڪم ورتو وڃي پيو جي اعتبار نه اچي ته تحقيقاتي ادارا ان جي جاچ لهي سگهن ٿا. تعليم کاتي کي ڏسو،زراعت کان ويندي آبپاشي کاتي توڻي هاڻي ته بنيادي ادارن فنانس کاتي ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ توڻي پاڪستان جو به ڪم ساڳيو رهيو آھي!!!
تازو هي هڪ وڏو اسڪينڊل روينيو کاتي جو آيو آھي جنهن موجب سنڌ جي 97600 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضا ٿيل آھن. رڳو ڪراچي جي سرڪاري زمين 11 هزار ايڪڙن کان مٿي پرائيويٽ ماڻھن جي قبضي هيٺ آھي.
سکر ۾ 3663،حيدرآباد 2326،دادو 7966۽ بىنظىرآباد 2425 ايڪڙ سرڪاري زمين قبضي هيٺ آھن!!!
ههڙي قسم جي اسڪينڊلز ۾ اڪثر ڪري اسانجا تحقيقاتي ادارا سامهون ايندا آھن يا وري اعلي اختياريون اهڙا ڪيس انهن يعني اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ کان ويندي ٻيا به تحقيقاتي ادار ٿين ٿا جيئن هي مٿيون ڪيس وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم کي تحقيق لاءِ ڏنو ويو آھي. پر هن وقت تائين انهن اسڪينڊلز جو درست رستو اختيار نٿو ڪري جو ٻين لاءِ عبرت جو سبب بنجي.
سنڌ جي سرڪاري زمينن سان ڪافي وقت کان وٺي وڏي ويساھ گهاتي ٿي رهي ھي ايتري قدر جو مختلف وڏن وڏن اسڪينڊلز جون ڪميٽيون جوڙيون ويون آھن پر ڪو خاص نتيجو سامهون ناهي اچي سگهيو جنهن مان محسوس ٿئي ته اڳتي اهڙا ڪڌا عمل ۽ ڪرپشن نه ٿيندي. جيئن موٽروي ڪيس مٽياري ۽ نوشهروفيروز اسڪينڊلز سامهون آيا پر ٿيو ڇا خبر ناهي ٿيو ڇا؟
هن وقت سنڌ جون سرڪاري زمينون ۽ ملڪيتون بااثر ۽ مافياز کان وٺي دنيا جي گروهن جي زد ۾ آھن جنهن ڪري هي اسڪينڊلز سامهون اچي رهيا آھن ۽ سرڪاري کاتن اندر خصوصي طور تي روينيو کاتي ۾ ريڪارڊ جي هير ڦير کان ويندي کاتن جي جعلسازي ۾ ههڙا مٿي ڄاڻايل حلقا ۽ سرڪاري عملدار ملوث ٿين ٿا۔
هن وقت به سنڌ ۾ روينيو ريڪارڊ جي ڇان بين لاءِ روينيو ريڪارڊ جا ڪيترائي شعبا آھن پر افسوس جو سنڌ گورنمينٽ لينڊ ميشن ،ٽربيونلز کان ويندي،رجسٽريشن وغيره جا ادارا آھن پوءِ به هي اسڪينڊلز روز جو معمول بڻيل آھن. ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته وزير اعلي انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين کي مٿين ڪيس ۾ اعلي سطحي جاچ ڪرائي ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي نوڪري بدر ڪيو وڃي ته جيئن ٻين عملدارن لاءِ هي سخت قدم سبق ثابت ٿين.
اهي ڳالهيون به هاڻي عام ڪچھرين جو بحث بڻجي ويون آھن ته اسانجي ملڪ توڻي سنڌ صوبي جا احتسابي ادارا جنهن ۾ خود نيب جنهن لاءِ گذريل ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان ڪي سٺا ريمارڪس ناهن ڏنا ته احسان لانگو ڪيس ۾ چيو ته جنهن ماڻھون وٽان اربين روپيا ڪرپشن جا پڪڙيا وڃن ان کي 6 مهينا سزا .
اهڙي نموني اربين روپين جا سياسي ماڻھن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جا ڪيس ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ وٽ هلن ٿا پر ڪا پراگريس ناهي ايتري قدر به ته ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ نيب ،ايف آءِ اي کان ويندي اينٽي ڪرپشن ڪيسز ۾ سزايافته ڪامورا ضمانتن تي ٻاهر اچي پروموشن وٺي ساڳين پوسٽن جتي جي ويهڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ تي سزا مليل اٿن وري ويهن ٿا ۽ پروموشن وٺي مٿين سيٽن جي به چارجون وٺن ٿا جن جا اڳتي هلي مثال سامهون رکي سگهجن ٿا.
سياسي ڪرپٽ ڪردار سياسي ۽ اقتداري پٺڀرائي سبب نيب ڪيسن ۾ سزا يافته هوندي جيلن مان ضمانتون ڪرائي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿي منسٽر،چيف منسٽرز ۽ پرائيم منسٽر ٿين ٿا ۽ پنهنجا ڪيس پاڻ ڊيل ڪري معاف ڪرائن ٿا. ان ڪري مٿين خبر جيڪا هيڏي وڏي اسڪينڊل واري آھي ۽ سنڌ جي سرڪاري زمينن سان ڪنهن هٿ چراند کان گهٽ ناهي جنهن ۾ ڪرپٽ ڪامورا شاهي ،بضا مافيا کان ويندي اقتداري ڌرين جي آشيرواد سان سڀ ڪجهه ٿي رهيو آھي جيڪا ڪنهن سازش ۽ عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن منصوبي کان گهٽ حرڪت ناهي.
تنهن ڪري مٿي ملوث ڪيس جي وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم وارو ادارو ۽ انجو سربراھ سميت ٻين ادارن کي اعلي سطح تي جاچ ڪري ملوث ڪردارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙي حرڪت ٻيهر نه ٿئي.